ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر ۽ جناح اسپتال جي اڳوڻي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي فوت ٿي وئي آهي
ڊاڪٽر سيمي جمالي ڊگهي عرصي تائين بيماري ۾ مبتلا رهي ۽ ڪينسر جي علاج لاءِ آغا خان اسپتال ۾ داخل هئي
آغا خان اسپتال ۾ ڊاڪٽرن پاران کيس بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي پر زندگي سندس ساٿ ڇڏي وئي
سمي جمالي جناح اسپتال جي اڳوڻي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر واري عهدي تي به رهي