| سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران هاءِ ڪورٽ جا عبوري حڪم ناما وفاقي آئيني عدالت ۾ چئلينج |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن گڏيل مقابلاتي امتحان 2024 بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪيترن ئي عبوري حڪمن کي وفاقي آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 14 مئي، 21 مئي، 9 جون، 17 جون، 22 جون ۽ 30 جون 2026 تي جاري ڪيل عبوري حڪمن کي چئلينج ڪيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سمورن عبوري حڪمن کي ٽن الڳ الڳ درخواستن ذريعي سينيئر وڪيل حافظ احسان احمد جي معرفت وفاقي آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني اختيارن کان تجاوز ڪندي عبوري حڪم جاري ڪيا.درخواست موجب، مؤثر قانوني متبادل فورم موجود هجڻ باوجود آئيني درخواستن کي ٻڌڻي لائق قرار ڏنو ويو.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل مقابلاتي امتحان مڪمل شفافيت، قانون ۽ رڪروٽمينٽ ريگيوليشنز تحت منعقد ڪيو ويو.درخواست موجب، 26 هزار 742 اميدوارن درخواستون ڏنيون، جڏهن ته تحريري امتحان ۾ 4 هزار 340 اميدوارن شرڪت ڪئي.درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته امتحان ۾ رڳو 70 اميدوار ڪامياب ٿيا، جڏهن ته 4 هزار 270 اميدوار گهربل نمبر حاصل نه ڪري سگهيا.ڪميشن جو موقف آهي ته ڪيترائي ناڪام اميدوار بعد ۾ مقابلي واری امتحان جي اسڪريننگ ٽيسٽ ۾ به شرڪت ڪئي ۽ ڪامياب پڻ ٿيا.درخواست موجب، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن سبب ڀرتي جو سمورو عمل ۽ ڪامياب اميدوارن جا انٽرويو روڪيا ويا آهن.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جوابي ڪاپين جي ٻيهر جاچ ۽ خفيه رڪارڊ طلب ڪرڻ ريگيوليشنز ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي خلاف آهي. درخواست موجب، هاءِ ڪورٽ جا يڪطرفا عبوري حڪم منصفاڻي ٻڌڻي جي آئيني حق جي به خلاف آهن.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ طرفان چيئرمين ۽ ڪميشن جي ميمبرن جون تعليمي سندون طلب ڪرڻ غير ضروري ۽ آئيني اختيارن کان تجاوز آهي.ڪميشن جو موقف آهي ته جيڪڏهن اهي عدالتي حڪم برقرار رهيا ته پبلڪ سروس ڪميشنن جي خودمختياري متاثر ٿيندي.درخواست ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته پوءِ هر ناڪام اميدوار عدالت ذريعي امتحاني پرچن جي ٻيهر جاچ جو مطالبو ڪندو.وفاقي آئيني عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سمورا عبوري حڪم معطل ڪيا وڃن.درخواست ۾ اها به استدعا ڪئي وئي آهي ته CCE-2024 بابت هاءِ ڪورٽ ۾ داخل سموريون درخواستون گڏ ڪري هڪ ئي فورم تي ٻڌيون وڃن.ڪميشن عدالت کان ڀرتي وارو عمل بحال ڪرڻ ۽ سڀني درخواستن تي گڏيل فيصلو ڪرڻ جي پڻ درخواست ڪئي آهي.درخواست ۾ هاءِ ڪورٽ جي منفي رمارڪس ختم ڪرڻ ۽ آئين ۽ رڪروٽمينٽ ريگيوليشنز موجب ڀرتي جو عمل مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي پڻ استدعا ڪئي وئي آهي.