اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف وفاقي آئيني عدالت ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ هاءِ ڪورٽ پاران مقابلي واري امتحان 2024 جو امتحاني عمل روڪڻ واري حڪم کي چئلينج ڪندي 14 مئي ۽ 22 جون وارن حڪمن کي معطل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بينچ 30 جون تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي وڪيل حافظ احسان احمد کوکر معرفت داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي حڪمن سبب صوبي جي سول سروس ۾ ڀرتين جو عمل عملي طور معطل ٿي ويو آهي. مقابلي واري امتحان جو سڄو عمل قانون ۽ ڀرتي بابت ضابطن موجب مڪمل شفافيت سان ڪيو ويو. مقابلي واري امتحان جو اشتهار 2 ڊسمبر 2024 تي جاري ڪيو ويو، جنهن جي جواب ۾ 26 هزار 742 درخواستون وصول ٿيون. جاچ پڙتال کان پوءِ 11 آڪٽوبر 2025 تي اسڪريننگ ٽيسٽ ورتو ويو، جڏهن ته امتحان ۾ حصو وٺندڙ 4 هزار 340 اميدوارن مان رڳو 70 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا ۽ نتيجا 6 مئي تي جاري ڪيا ويا. ڪميشن پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ناڪام اميدوارن جا الزام رڳو مفروضن تي ٻڌل آهن ۽ امتحاني عمل ۾ ڌانڌلي يا بدنيتي جو ڪو به ثبوت موجود ناهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومت سنڌ ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪرڻ کانسواءِ پهرين ئي ٻڌڻي دوران اسٽي آرڊر جاري ڪيو، درخواستن جي ٻڌڻي جوڳيون هجڻ بابت فيصلو ڪرڻ کان اڳ عبوري رليف ڏيڻ قانون جي ابتڙ آهي.