سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران 16 ملازم ڀرتي ڪرڻ،گاڏين ۽ فرنيچر لاءِ سوا 14 ڪروڙ طلب

جُولاءِ 3, 2023

ڪراچي (رپورٽ: سترام مهيشوري) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن  16 ملازم ڀرتي ڪرڻ،گاڏين ۽ فرنيچر لاءِ سنڌ حڪومت کان سوا 14 ڪروڙ رپيا طلب  ڪري ورتا آهن

ذريعن موجب سنڌ سرڪار پاران گريڊ 16 ۽ ان کان مٿي جي ڀرتين لاءِ قائم ڪيل اداري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن نئين مالي سال 24-2023ع ۾ نوان ملازم ڀرتي ڪرڻ، نئين گاڏين،ڪمپيوٽرن، ليپ ٽاپ، ڊجيٽل ڪيميرائن، ريفريجريٽر، ايئرڪنڊيشنرن، مائيڪرو اوون، ايل اي ڊيز ۽ ميٽل ڊٽيڪٽرز توڙي نئين فرنيچر جي خريداريءَ لاءِ 14 ڪروڙ 20 لک 19 هزار رپيا طلب ڪيا آهن

 ان ڏس ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڄاڻايو آهي ته ڪم ڪار جي رش سبب 17 هين گريڊ ۾ 6 پرائيويٽ سيڪريٽري، 5 گريڊ ۾ 5 ڊرائيور ۽ هڪ گريڊ ۾ 5 نائب قاصد ڀرتي ڪرڻ جي گھرج آهي

ايس پي ايس سي موجب 66 ڪمپيوٽرن، 21 ليپ ٽاپن، هڪ فرج، هڪ ڊجيٽل ڪيميرا، 50 ڪي وي جي جنريٽر، 26 يو پي ايس، 2عدد او ايم آر مشين اسڪينر، ڏيڍ ٽن جي 5 ايئر ڪنڊيشنرن، 10 ڪي وي جي 5 يو پي ايس، 55 انچ جي 3 ايل اي ڊيز ۽ 86 انچ جي هڪ ايل اي ڊي، ٻن ملٽي ميڊيا پروجيڪٽرن، هڪ پرنٽر، 5 ميٽل ڊٽيڪٽرن، 2 مائيڪرو اوون، 2 اسڪينرن، 15 واٽر ڊسپينسرن لاءِ 2 ڪروڙ 36 لک 77 هزار رپين جي ضرورت آهي

ساڳئي ريت فور باءِ فور جي سنگل ڪيبن (58 لک 90 هزار ماليت واري)، 13 سئو سي سي جي 5 ڪارن ۽ 5 عدد سي ڊي 70موٽر سائيڪلن جي پڻ گھرج آهي، جنهن لاءِ 2 ڪروڙ 80 لک 40 هزار مختص ڪيا وڃن

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چوڻ آهي ته آفيس جي نيئن فرنيچر لاءِ پڻ 95 لک رپين جي ضرورت آهي، سمورا خرچ ملائي ڪميشن کي نئين مالي سال ۾ 14 ڪروڙ 20 لک 19 هزار رپيا اضافي ڏنا وڃن

Leave A Comment