سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪلين چٽ: منهنجو ڪو مائٽ پاس ناهي ٿيو: مراد شاهه

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪلين چٽ: منهنجو ڪو مائٽ پاس ناهي ٿيو: مراد شاهه

ڪراچي: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران مبينا طور سفارشي اميدوارن کي پاس ڪرڻ وارو معاملو، وڏي وزير سيد مراد شاھ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي لڳل الزام غلط آهن، وڏي وزير سيد مراد  شاھ چيو ته منهنجي خاندان جو هڪ ماڻهو به پاس ناهي ٿيو، مون کي ٻڌايو وڃي ته منهنجي خاندان جو ڪهڙو ماڻهو پاس ٿيو آهي؟ مڪاني وزير ناصر شاھ چيو ته سوئيپر ( خاڪروب )جو پُٽ پاس ۽ منهنجو پُٽ فيل ٿيو آهي،  اها خبر ميڊيا وارا ڇو نه ٿا هلائين؟ هن چيو ته سوئيپر ڪنهن کي پئسا ڏنا هوندا. پيپلز پارٽي ايم پي اي سعديه جاويد چيو ته فيل اميدوارن کي تڪليف آهي، اهي ثبوت آڻين، ايڪشن ضرور ٿيندو.