حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مبينا ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي، حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مبينا ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي خلاف احتجاج ۾ شامل ماڻهن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، احتجاج ۾ سول سوسائٽي جا نمائندا به شريڪ ٿيا
مظاهرين چيو ته سنڌ پلڪ سروس ڪميشن ميرٽ جي لتاڙ ڪري رهي آهي، ميرٽ لسٽ پڌري نٿي ڪئي وڃي، ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي لتاڙ ڪري رهي آهي، ڪميشن اختيارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي