سنڌ-پنجاب دنگ وٽ آپريشن: مغوي جو لاش هٿ، 3 ڄڻا بازياب: 3 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ: هٿيار هٿ

سنڌ-پنجاب دنگ وٽ آپريشن: مغوي جو لاش هٿ، 3 ڄڻا بازياب: 3 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ: هٿيار هٿ

اوٻاوڙو(ن پ ا) سنڌ-پنجاب دنگ وٽ آپريشن، 2 مغوي بازياب، 3 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ، ٺڪاڻن کي باهيون،اوٻاوڙو ويجھو  مسافر ڪوچ تي حملي بعد پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن پنجين ڏينهن به جاري رهيو،  وڌيڪ 3  جوابدار مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، پوليس موجب  ته آپريشن دوران مارجي ويل ڏوهارين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو آهي،مارجي ويل ڌاڙيلن پاران زخمي ڌاڙيلن کي درياءَ  مان  ٻيڙي ذريعي کڻڻ اچي رهيا هئا ته پوليس پاران ٻيڙي مٿان ڊورن حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 3 جوابدار مارجي ويا آهن، مارجي ويلن ۾ هڪ جوابدار جي سڃاڻپ بهادر عمراڻي نالي سان ڪئي وئي، وڌيڪ ٻن ڄڻن جي انٽيليجنٽس ذريعي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته مارجي ويلن جا لاش پوليس هٿ نه ڪري سگهي. پوليس پاران آپريشن دوران ڏوهارين جا ٺڪاڻه تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي.ان حوالي سان ڊي آءِ جي فصل عبدالله چاچڙ موجب ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. ٻي طرف پوليس سنڌ-پنجاب دنگ وٽ سونمياڻي ڀنگ واري ڪچي جي علائقي ۾  پوليس ڪارروائي ڪري 38 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل رحيميارخان واسي اغوا ٿيل 2 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب ڪارروائي دوران رياض ۽ عمر آرائين کي بازياب ڪرايو ويو آهي، ڏوهارين کي دوکي سان گهرائي اغوا ڪيو ويو هو، پوليس موجب ڊرون ذريعي مغوي نظر آيا ته پوءِ ڪارروائي ڪئي وئي.ٻي طرف پوليس موجب آپريشن دوران ڏوهارين جي مورچن ۽ گهرن تي چڙهائي ڪئي وئي ته ڏوهاري مورچن  ۾ هٿيار ڦٽا ڪري فرار ٿي ويا، وڌيڪ هڪ مغوي شاهد ولد عبدلعزيز  کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته هڪ مغوي جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، پوليس موجب بدنام ڌاڙيل ڇلو ۽ جميل بکهراڻي ٺڪاڻن مان فرار ٿي ويا، جوابدار پنهنجي بيمار پوڙهي امڙ مسمات پٺاڻي ۽ هڪ ڀائٽي مسمات شينا بکهراڻي کي ڇڏي فرار ٿي ويا، جنهن کي پوليس هٿ ڪري ورتو آهي.پوليس پاران جوابدارن جي مورچن تان وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، هٿيارن ۾   اينٽي گرافٽ گن، راڪيٽ لانچر،جي ٿريون ۽ ٻيا ڳرا هٿيار شامل آهن.