| سنڌ-پنجاب دنگ وٽ آپريشن: 50 لک انعام يافته ڌاڙيل ڇلو بکراڻي مارڻ جي دعويٰ: شڪي گرفتار |
اوٻاوڙو(رپورٽ: فيض الله سميجو) سنڌ-پنجاب دنگ سونمياڻي ڀنگ ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن ڇهين ڏينهن به جاري رهيو، آپريشن دوران 50لک انعام يافته ڌاڙيل ڇلو بکراڻي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد مارجي ويلن ڌاڙيلن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي، پوليس موجب ڏوهاري گينگز خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي، آپريشن دوران بدنام ڏوهاري ڇلو بکراڻي مارجي ويو آهي، مارجي ويل جو لاش پوليس هٿ ڪري ورتو آهي، پوليس موجب مارجي ويل ڌاڙيل انڍڙ گينگ جو مک ساٿي هو ۽ ڪيترن ئي ڌاڙيلن جي گهرن کي ساڙي پٽ ڪيو ويو آهي.هوڏانهن ايس ايس پي گهوٽڪي موجب مريد شاخ ويجھو ڪارروائي ڪري 15 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.