ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نئين آءِ جي سنڌ رفعت مختار سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ 15 ڏينهن جو وقت گهري ورتو، سنڌ پوليس جي اعليٰ سطحي آفيسرن ۾ اهم تبديلي جو امڪان
رپورٽرن سان ملاقات دوران سنڌ پوليس جا سينيئر آفيسر غير حاضر، ڪالهه سنڌ ۾ مقرر نئين آءِ جي رفعت مختار ڪراچي جي ڪرائيم رپورٽرن سان تعارفي گڏجاڻي ڪندي چيو ته مونکي چار ڏينھن ٿيا آھن، اڄ توھان مونکي ٻڌائيندا ته سنڌ جا مسئلا ڪهڙا آهن، پوليس کي ڇا ڪرڻ گهرجي، منھنجي اولين ترجيح سنڌ ۾ امن امان بھتر ڪرڻ آھي
آءِ جي سنڌ جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاء مونکي 15 ڏينھن جو ٽائيم ڏيو، توھان کي معاملو حل ڪري ڏيندس، 10 سيپٽمبر تي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاريءَ بابت اھم پيش رفت سامھون اچي ويندي، آءِجي سنڌ جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ 15 ڏينھن جو ٽائيم گھري ورتو
سندس چوڻ هو ته سکر ۾ سينيئر صحافي قتل ٿيو آھي، اھو صحافي برادري لاءِ وڏو ڏکوئيندڙ لمحو آھي، سنڌ پوليس ۾ تبديلي ايندي، سچي نيت سان ڪم ڪندڙ آفيسرن کي هن جهان سان گڏ هتي به اجر ملندو
سندس چوڻ هو ته جڏهن هو وردي پائيندو آهي ته ان کان پهريان وضو ڪرڻ منهنجي فرض ۾ شامل آهي، مقدس وردي آهي، جتي به رهيو آهيان سچي نيت سان ڪم ڪيو آهي، انشاءَ الله سنڌ ۾ به امن امان جي صورتحال تي ڪافي بهتري اچي ويندي