سنڌ پوليس جي اليڪشني خرچن لاءِ ساڍا 62 ڪروڙ رپيا منظور
جنوري 23, 2024
ڪراچي :گهرو کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته پوليس ايندڙ عام چونڊن دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ 625.467 ملين رپين جا اضافي فنڊ ڏيڻ جي درخواست جمع ڪرائي آهي. جنهن هيٺ فيڊنگ چارجز ( کاڌخوراڪ ) لاءِ 210.284 ملين رپيا، پي او ايل ( گاڏين جي تيل ) لاءِ 148.052 ملين رپيا، گاڏين جي خريداري لاءِ 50.486 ملين رپيا، معاون فورس سروسز لاءِ 116.205 ملين رپيا، گاڏين جي مرمت لاءِ 90.439 ملين رپيا، اسٽيشنري/مشينري لاءِ 40 لک ۽ ٻين خرچن لاءِ 60 لک گهرجن، ڪابينا پوليس لاءِ 625.467 ملين رپيا منظور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن مان 437.827 ملين رپيا يعني 70 سيڪڙو فوري طور تي جاري ڪيا ويندا، باقي رقم عام چونڊن کانپوءِ تصديق ٿيل بلن جمع ڪرائڻ جي صورت ۾ جاري ڪئي ويندي.