سنڌ پوليس جي بجيٽ 2کربن ويجهو پهچي وئي: ٽريننگ لاءِ به پوڻا 5 ارب مختص

سنڌ پوليس جي بجيٽ 2کربن ويجهو پهچي وئي: ٽريننگ لاءِ به پوڻا 5 ارب مختص

ڪراچي: نئين بجيٽ ۾ سنڌ پوليس لاءِ هڪ کرب، 93 ارب ،  5 ڪروڙ، 87 لک، 35 هزار رپيا رکيا ويا   جنهن مان ضلعي پوليس لاءِ هڪ کرب، 8 ارب، 29 ڪروڙ، 20 لک 14 هزار ۽ ٽريننگ لاءِ 4 ارب، 63 ڪروڙ، 45 لک 93 هزار  هوندا، جڏهن ته ڪراچي پوليس لاءِ نان سيلري بجيٽ 24 ارب، 6 ڪروڙ 72 لک، 52 هزار مختص ڪيا ويا. اهڙي طرح حيدرآباد پوليس لاءِ هڪ ارب، هڪ ڪروڙ، 44 لک 42 هزار، سکر پوليس لاءِ 40 ڪروڙ 47 لک، 61 هزار، لاڙڪاڻو پوليس لاءِ 43 ڪروڙ، 11 لک، 70 هزار، خيرپور پوليس لاءِ 36 ڪروڙ 82 لک 81 هزار، بينظير آباد پوليس لاءِ 31 ڪروڙ 92 لک، 31 هزار، دادو پوليس لاءِ 20 ڪروڙ 57 لک، 15 هزار، سانگهڙ پوليس لاءِ 40 ڪروڙ 88 لک 95 هزار، شڪارپور پوليس لاءِ 22 ڪروڙ، 23 لک 13 هزار، نوشهروفيروز پوليس لاءِ 22 ڪروڙ 98 لک 39 هزار، گهوٽڪي پوليس لاءِ 19 ڪروڙ، 70 لک 20 هزار، ڪشمور پوليس لاءِ 16 ڪروڙ 59 لک 5 هزار، ڄامشورو پوليس لاءِ 15 ڪروڙ 65 لک 93 هزار، جيڪب آباد پوليس لاءِ 17 ڪروڙ، 42 لک 67 هزار، ميرپورخاص پوليس لاءِ 22 ڪروڙ 35 لک 40 هزار، قمبر پوليس لاءِ 16 ڪروڙ 45 لک 67 هزار، بدين پوليس لاءِ 15 ڪروڙ 79 لک 79 هزار، ٽنڊو الهيار پوليس لاءِ 11 ڪروڙ 19 لک 51 هزار، مٽياري پوليس لاءِ 10 ڪروڙ 77 لک 23 هزار، ٺٽو پوليس لاءِ 12 ڪروڙ 92 لک، 64 هزار، ٿرپارڪر پوليس لاءِ 11 ڪروڙ 39 لک 49 هزار، ٽنڊو محمد خان پوليس لاءِ 9 لک 37 لک 45 هزار، عمرڪوٽ پوليس لاءِ 12 ڪروڙ 38 لک 72 هزار ۽ سجاول پوليس لاءِ 9 ڪروڙ 37 لک 61 هزار مختص ڪيا ويا.