سنڌ پوليس پٺاڻن تي ظلم پئي ڪري: بلوچستان اسيمبلي مان قرارداد بعد ڪاميٽي قائم 

سنڌ پوليس پٺاڻن تي ظلم پئي ڪري: بلوچستان اسيمبلي مان قرارداد بعد ڪاميٽي قائم 

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) بلوچستان اسيمبلي ۾ سنڌ پوليس پاران پشتونن مٿان تشدد وارن واقعن خلاف قرارداد منظور ڪرڻ بعد سنڌ سرڪار آڏو مامرو اٿارڻ  لاءِ صوبائي وزير صادق عمراڻي جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي،بلوچستان اسيمبلي ۾ جي يو آءِ جي ايم پي اي اصغر ترين سنڌ پوليس جي رويي خلاف قرار داد پيش ڪئي، جيڪا منظور ڪئي وئي. قرارداد ۾ ڄاڻايو ويو ته  پشين، چمن، زوب، خانوزئي، مسلم باغ ۽ لورالائي سان تعلق رکندڙ پشتون ڪاروبار جي سلسلي ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڃن ٿا، جن مان اڪثر هوٽلون هلائڻ سان گڏ ٻيو ڪاروبار ڪن ٿا، گذريل هڪ مهيني کان سنڌ پوليس ۽ لينڊ مافيا طرفان کين هراسان ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجو ڪاروبار ڇڏي  سنڌ مان واپس بلوچستان اچڻ تي مجبور ٿين، قرارداد جي متن ۾ ڄاڻايو ويو ته اهو طرز عمل نه صرف ڪاروباري طبقي لاءِ معاشي نقصان جو سبب بڻجي رهيو آهي پر بين الصوبائي رابطن ۽ قومي يڪجهتي جي اصولن جي سراسر منافي آهي. قرارداد ۾ بلوچستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته اها فوري طور سنڌ حڪومت سان رابطو ڪري، ڪراچي سميت سنڌ صوبي جي ٻين علائقن ۾ آباد پشتونن سان ٿيندڙ ناانصافي کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي،اصغر ترين چيو ته ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ پشتونن کي ذليل ڪيو پيو وڃي، پوليس هوٽلون سيل ڪري پشتونن کي بنا ايف آءِ آر  ٿاڻن ۾ ويهاري ڇڏيندي آهي، نان ڪسٽم پيڊ سامان ڄاڻائي طارق روڊ تي دڪانن جا تالا ٽوڙي سامان کنيو وڃي ٿو، هن چيو ته 90 سيڪڙو پشتون ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪن ٿا، چانهه ۽ کاڌي پيتي جون 90 سيڪڙو هوٽلون پشتونن جون آهن. قرار داد بعد سنڌ حڪومت سان رابطو ڪرڻ لاءِ اسپيڪر جي رولنگ تحت صوبائي وزير صادق عمراڻي جي سربراهي ۾ پارلياماني ڪاميٽي جوڙي وئي، هوڏانهن ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو پنهنجي اخبارسان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي پوليس صرف افغانين خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي، پاڪستاني پشتونن کي پوليس تنگ نٿي ڪري، اهڙو ڪو به معاملو ناهي.