ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪچي جا 50 ڌاڙيل هڪ لک کان وڌيڪ سنڌ پوليس نفري کان ڏاڍا، ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل نينگر سمرت ڪمار آزاد نه ٿي سگهيو
نينگر سمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ اڄ ٽئين ڏينهن به بک هڙتالي ڪئمپ قائم جاري آهي جڏهن ته ڪيمپ تي سردار تيغو خان تيغاڻي به پهتو
تيغو خان تيغاڻي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اسين هن ضلعي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪريون ٿا
تيغو خان تيغاڻي چيو ته مختلف ٽولن جا 50 کن هٿياربند پوليس اهلڪارن کان ڏاڍا ٿي ويا آهن ثمرت ڪمار سميت ڪيترائي مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد آهن
هن چيو ته پوليس مان هاڻ نا اميد ٿي چڪا آهيون پوليس کان ڪم چڙهي ويو آهي ڪچي ۾ فوجي آپريشن ئي واحد حل آهي
فوجي آپريشن ئي ضلعي جي امن و امان جي صورتحال کي بحال ڪرائي سگهي ٿي ۽ ڌاڙيلن جو خاتمو يقيني اچي سگهي ٿو.
تيغو خان تيغاڻي چيو ته ڪجهه سردار نه ٿا چاهين ته هتي امن ٿئي پر اسين هتان جي پوليس کي چئون ٿا اوهان پنهنجي لٺ گهمايو
ان موقعي تي اغوا ٿي ويل مغوي نينگر سمرت ڪمار جي والد اجيت ڪمار چيو ته تيغو خان تيغاڻي همدردي لاءِ هتي بک هڙتال تي پهتو آهي پر اسان وٽ ڪوبه چونڊيل نمائندو ناهي پهتو