سنڌ پوليس ۾ تبديليون: 4 ڊي آءِ جي، 15 ايس ايس پيز بدلي: عرفان بلوچ اولهه ڪراچي ۽ جاويد جسڪاڻي ميرپورخاص جا ڊي آءِ جي مقرر

مارچ 20, 2024

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي)سنڌ پوليس ۾ تبديليون: 4 ڊي آءِ جي،  15 ايس پي ۽ ايس ايس پيز، 29 ڊي ايس پي بدلي، عرفان بلوچ اولهه ڪراچي ۽ جاويد جسڪاڻي ميرپورخاص جا ڊي آءِ جي مقرر ڪيا ويا

ان ڏس ۾ چيف سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عرفان بلوچ کي  ڊي آءِ جي اولهه ڪراچي، احمد نواز چيما کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ پوليس، اقبال دارا کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ لائسنس اينڊ ٽريننگ ۽ جاويد جسڪاڻي کي ڊي آءِ جي ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو

 هوڏانهن آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  ايس ايس پي گهوٽڪي روحل کوسو کي بدلي ڪري ايس ايس پي لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو، ايس ايس پي  لاڙڪاڻو جي اها پوسٽ خالي هئي، جنهن جي وقتي چارج ايس ايس پي شڪارپور حوالي هئي

 نوٽيفڪيشن موجب سمير نور چنا کي سکر مان بدلي ڪري ايس ايس پي گهوٽڪي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته عابد بلوچ کي ٽريفڪ پوليس مان بدلي ڪري ايس ايس پي سکر مقرر ڪيو ويو

هوڏانهن عرفان سمون کي ايس ايس پي شڪارپور مقرر ڪري اتان محمد عمران کي سي پي او رپورٽ ڪرايو ويو. وزيراعليٰ جي پي ايس او 2 فيضان علي کي ايس ايس پي ڪياماڙي، عارب مهر کي ايس پي (جاچ) اولهه، سميع الله سومرو کي اي آءِ جي (آپريشنز) سي پي او مقرر ڪيا ويا

 شهلا قريشي کي اي آءِ جي (جينڊر ڪرائيم) سي پي او، سهائي عزيز ٽالپر کي ايس پي (ٽيڪنڪل، فارنزڪ اينڊ ايڪسپلوزو سي ٽي ڊي)، شمائل رياض ملڪ کي اي آءِ جي (ويلفيئر) سي پي او، فاروق بجاراڻي کي اي آءِ جي (فارينرسيڪيورٽي سيل) مقرر ڪيو ويو

 انور کيتران کي اي آءِ جي (اسٽيبلشمينٽ ٽوُ)، عارف اسلم رائو کي ايس ايس پي (اي وي ايل سي)، آفتاب نظاماڻي کي اي آءِ جي (ايم ٽي) ۽ محمود حسين کي ايس پي  پوليس ٽريننگ سينٽر لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو آهي

 ٻئي طرف  سنڌ  جي 29  ڊي ايس پيز جون مقرريون ڪيون ويون آهن، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب افتخار ٻرڙو کي ايس ڊي پي او ڪينٽ حيدرآباد، شهزاد رشيد کي ايس ڊي پي او بدين، وسيم ڪلوڙ کي ايس ڊي پي او هالا، سڪندر سميجو کي ايس ڊي پي او سٽي ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو

 محمد وقاص دراني کي ايس ڊي پي او مٺي، فهد ارشاد کي ايس ڊي او ڀريا، ملهار خان کي ايس ڊي پي او سٽي شهيد بينظير آباد، موسيٰ ابڙو کي ايس ڊي پي او ٽنڊو آدم، احمد بخش راھوجو کي ايس ڊي پي او گهوٽڪي، فراز علي کي ايس ڊي پي او روهڙي مقرر ڪيا ويا

پارس بکراڻي کي ايس ڊي پي او سائيٽ سکر، تابش شاهه کي ايس ڊي پي او رتوديرو، گل حسن کي ايس ڊي پي او سٽي جيڪب آباد، اعجاز بهڻ کي ايس ڊي پي او ٽنڊو باگو، عابد فضل مهر کي ايس ڊي پي او ڪشمور، ظهور احمد کي ايس ڊي پي او سول لائينز لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو

 عبدالقادر سومرو کي ايس ڊي پي او لکي غلام شاهه، محمد جنيد کي ٽريننگ برانچ سي پي او مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته  فائزہ سوڍر، زين رضا، فاروق مشتاق، شاهنواز جوکيو، نعيم احمد، سعد جبار، منيشا روپيتا، احمد اقبال ميمڻ، سيف الله ۽ هالار چانڊيو جون خدمتون ڪراچي پوليس چيف حوالي ڪيون ويون آهن

Leave A Comment