ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت کي روڪي ڇڏيو، پوليس ۾ اعليٰ سطح تي مقررين بابت آءِ جي سنڌ کي مڪمل طور با اختيار بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي
سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سرڪار کي مقرر وقت کان اڳ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي، پوليس ۾ سياسي مداخلت ختم ڪرڻ بابت قانونسازي خلاف درخواستن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ اهڙو فيصلو ٻڌايو آهي
سنڌ حڪومت کي اي ڊي خواجه ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد جو حڪم ڏنو ويو آهي
سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته آءِ جي سنڌ هر حال ۾ 3 سالن تائين پنهنجي مدت مڪمل ڪري، 3 سال مدو پورو ٿيڻ کان اڳ آءِ جي سنڌ کي نه هٽايو ويندو
سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت کي به روڪي ڇڏيو، وزيراعليٰ جي منظوري وارو اختيار ختم ڪري ڇڏيو آهي، پوليس آفيسرن جي مقررين، بدلين لاءِ وزيراعليٰ سان مشاورت ڪري سگهجي ٿي
عدالت حڪم ڏنو ته پوليس لاءِ احتساب ڪميشن ٺاهي فوري طور فعال ڪيو وڃي، احتساب ڪميشن ٺاهڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت قدم کڻي، آءِ جي سنڌ جي بدلي ضروري هجي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ٿيندي