سنڌ پوليس ۾ وڏي اٿل پٿل: خادم رند ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، امجد شيخ حيدرآباد، عرفان سمون سکر ۽ اظهر مغل گهوٽڪي جا ايس ايس پي مقرر ڪرڻ جو فيصلو

سيپٽمبر 4, 2023

ڪراچي(رپورٽ: دودو چانديو) سنڌ پوليس ۾ به وڏي پيماني تي اٿل پٿل، مقررين ۽ بدليون جون لسٽون تيار، خادم رند کي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ايندڙ عام چونڊن کان اڳ سنڌ پوليس ۾ مقررين ۽ بدلين لاءِ لسٽ تيار ڪئي وئي آهي، ذريعن کان مليل اطلاعن موجب خادم رند ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، طارق رزاق ڌاريجو ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ امجد شيخ کي ايس ايس پي مقرر ڪيو ويندو

عاصم قائم خاني کي ڊي آءِ جي ويسٽ ۽ اظفر مهيسر کي ڊي آءِ جي ايسٽ، اسد رضا کي ڊي آءِ جي سائوٿ، عرفان بهادر کي ايس ايس پي ايسٽ، عمران قريشي کي ايس ايس پي سائوٿ ۽ طارق الاهي مستوئي کي ايس ايس پي ملير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

عارف اسلم رائو ايس ايس پي ڪياماڙي، فيصل عبدالله چاچڙ ايس ايس پي سينٽرل ۽ امجد شيخ ايس ايس پي حيدرآباد مقرر ٿيندو

طارق نواز مغل کي ايس ايس پي ڄامشورو، شبير سيٺار کي ايس ايس پي دادو ۽ شاهنواز چاچڙ کي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

مير روحل کوسو ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ مقرر ٿيندو، خالد مصطفيٰ ڪورائي کي ايس ايس پي شڪارپور، عرفان سمون کي ايس ايس پي سکر ۽ اظهر مغل کي ايس ايس پي گهوٽڪي لڳائڻ جو فيصلو ٿيو آهي

ڊاڪٽر سميع الله سومرو ايس ايس پي خيرپور ميرس ۽ عابد بلوچ ايس ايس پي نوشهروفيروز مقرر ٿيندا، آفتاب نظاماڻي ايس ايس پي ٺٽو ۽ شهلا قريشي ايس ايس پي سجاول مقرر ٿيندي

 قمر رضا جسڪاڻي کي ايس ايس پي بدين ۽ عامر عباس شاهه کي ايس ايس پي جيڪب آباد مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

Leave A Comment