ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ 1046 اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (اي ايس آءِ )ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
ان حوالي سان گهرو کاتي جي سيڪشن آفيسر (پوليس ) منظور ٿيٻو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ 1046 اي ايس آئيز ڀرتي ٿيندا، جن مان 157 سيٽون عورتن ۽ 53 سيٽون اقليتي اميدوارن لاءِ مختص هونديون
خط موجب ڪراچي رينج ۾ 38 اقليتن ۽ 113 عورتن سميت 753، حيدرآباد رينج ۾ 154، ميرپورخاص ۾ 23، شهيد بينظير آباد ۾ 39، سکر ۾ 38 ۽ لاڙڪاڻي رينج ۾ 39 اي ايس آءِ ڀرتي ڪيا ويندا