سنڌ ڇا ٿي سوچي؟

آگسٽ 20, 2023

  ابتدا ڪٿان ڪجي؟ ويندڙ حڪمرانن کان يا ايندڙ نگرانن کان؟ يا انهن خدشن کان، جيڪي هاڻي خدشا نه رهيا آهن. خطرا بڻجي ويا آهن. انهن خطرن خلاف اٿندڙ ننڍن اڳواڻن جي آوازن کان يا ساڳين پارٽين جي وڏن ليڊرن جي معنيٰ خيز خاموشين کان؟ پيش ايندڙ واقعن کان؟ پس منظر کان يا پيش منظر کان يا انهن سادين سودين مبارڪن کان جيڪي سوشل ميڊيا تي عام طور تي ٽن ۽ خاص طور تي ٻن سنڌي وزيرن لاءِ خوشين جو اظهار ڪري خاموش ٿي ويون آهن يا سنڌ جي ان نگران ڪابينا کان، جنهن ۾ جي حوالي سان هن وقت به اهميت ان ڳالهه کي ملي آهي ته ڪير ڪهڙي ٻولي ڳالهائي ٿو؟ جڏهن ته اصل سوال وقت تي ٿيندڙ انهن صاف شفاف چونڊن جو آهي، جن جي باري ۾ تمام تيزيءَ سان اها سوچ سازي ٿي چڪي آهي ته اهو ڪم ايتري وقت ۾ ممڪن ناهي، جيتري وقت جي وٿي ملڪ جو اهو آئين ڏئي ٿو، جيڪو پنهنجي جنم کان وٺي مسلسل ترميمن جا تير سهندو رهيو آهي.

                 چڱو! اسان اڄوڪي آرٽيڪل جي ابتدا تاريخ جي ان تلخ حوالي سان ٿا ڪريون، جيڪو اسان جو ڌيان ان ايم آر ڊي تحريڪ طرف وٺي ٿو وڃي، جيڪا شايد واپسيءَ جي واٽ جو پتو پڇي رهي آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته جنهن مهل سنڌ جي ماڻهن ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ سان مهاڏو اٽڪايو هو ۽ جڏهن سنڌ جا ماڻهو پنهنجي محبوب ليڊر کي ڦاسيءَ تي لڙڪائڻ واري غم کي غصي ۾ تبديل ڪري ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ سڀ سانگ واري اٿيا هئا، ان وقت سنڌ جي وڏيرن جي ڪن ۾ ڀلي سرٻاٽ ٿيو هجي پر سنڌ جا ماڻهو ته هڪ بدترين آمريت جي خلاف نعرا هڻي نڪتا هئا. ممڪن آهي ته هو موت جي خوف جي سرحد عبور نه ڪري سگهيا هجن پر انهن جيلن جي دهشت تي دسي وڌو هو. ڇو ته ان وقت سنڌ جي صورتحال اياز جي انهن لفظن جيان وڄي رهي رهي:
“ٿاڻي مٿان وڄ

آکي وردي وائڙي

هٿ ڪڙيءَ کان ڊڄ”

ان وقت ته ڪنهن کي گرفتاريءَ جو خوف گمان ۾ به نه هو. ڇو ته هو “جيل ڀريو تحريڪ” جهڙي پرامن ۽ تاريخ کي تبديل ڪندڙ سياسي لهر تي سوار هئا. ان وقت سنڌ نه صرف پاڪستان جي ٻين صوبن کان اڳتي نڪري وئي هئي پر جنهن پارٽيءَ پاران “ايم آر ڊي” نالي اتحاد جي پليٽ فارم پاڻمرادو گرفتارين ۽ احتجاجن جي ڪال ڏني وئي هئي، ان پارٽيءَ جي قيادت پرڏيهه ۾ محفوظ هجڻ جي باوجود به سنجيدگيءَ سان سوچي رهي هئي ته ڪٿي ماڻهو انهن جي سياسي سوچ ۽ فڪر جي سرحد به لتاڙي نه وڃن. جڏهن ته ان وقت سنڌ کي سياسي سرڪشيءَ واري موڊ ۾ ڏسي پنجاب ۾ اهو خوف ٿي پيو هو ته ڪٿي وفاق جي وجود کي ڪو نقصان نه پهچي.

ايم آر ڊي تحريڪ جي حوالي سان بار بار اهو تبصرو ورجايو ويندو هو ته ان تحريڪ ۾ گهربل توازن ناهي. ڇو ته جيل ڀريو تحريڪ ۾ اڳيان اڳيان سنڌ جو عوام هو. پاڪستان جي ٻين صوبن ۽ خاص طور تي پنجاب جي اهم اڳواڻن به گرفتاريون پيش ڪيون هيون پر ايم آر ڊي ۾ شامل وفاقي پارٽين پنجاب جهڙي وڏي آباديءَ واري صوبي ۾ پنهنجا ڪارڪن متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪاميابي نه ماڻي هئي. اهوئي سبب هو ته جڏهن به آمريت جي دور ۾ انتهائي ڪنٽرولڊ ميڊيا ۾ خبرون اينديون هيون يا شام جي پهر ۾ هلي ڦلڪي ٿڦاٿڦي ۽ هيڏي هوڏي ڪرڻ بعد ريڊيو تي بي بي سيءَ پاران جيل ڀريو تحريڪ جي باري ۾ جيڪو ڪجهه به ٻڌايو ويندو هو، ان جو دائرو سنڌ تائين محدود هوندو هو.

اها دنيا جي نه ته گهٽ ۾ گهٽ ايشيا جي پرامن ۽ تاريخي جدوجهد هئي. اها جدوجهد نه ته اقتدار لاءِ هئي ۽ نه ڪنهن انقلاب لاءِ! اها تحريڪ صرف ۽ صرف جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ هئي. ظاهر ته جمهوريت جي بحاليءَ جي صورت ۾ جن کي اقتدار ملڻو هو، انهن بعد ۾ مڏي سڏي انداز سان مليو به سهي ۽ اهو اقتدار ڪيترو مشروط ۽ڪيترو مجبور هو؟ ان سوال جو جواب اسان جي آرٽيڪل جو رخ کي تبديل ڪري ويندو پر اها تحريڪ دنيا ۾ پنهنجي ان تعارف سان سڃاتي ويندي هئي ته جنرل ضياءَ جي آمريت خلاف پاڪستان ۾ پرامن جمهوري جدوجهد جيلن کي فتح ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ان جدوجهد جا گهنڊ وڏي آواز سان گڙيا ته دنيا کي اهو معلوم به ٿيو ته پاڪستان جي تازي تاريخ جي ملبي ۾ مدفون هڪ قديم تهذيب جي وارث قوم به آهي. اها سنڌ آهي، جيڪا پنهنجو سر تريءَ تي رکي عوامي راڄ لاءِ رستن تي نڪري آئي آهي. ان وقت صرف شهرن جي چوراهن تي گرفتاريون پيش ڪرڻ لاءِ ايندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪن جي هٿن جو وڪٽري جو نشان ڏيکاريندڙ آڱريون نه هونديون هيون پر اهي احتجاجي انبوهه به هوندا هئا، جيڪي پنهنجو پاڻ منظم ۽ متحرڪ ٿيندا هئا. انهن کي نوان ۽ پرڪشش نعرا ڏيڻ لاءِ پيپلز پارٽيءَ يا ٻين جماعتن ڪنهن ايڊورٽائيزمينٽ ڪمپنيءَ جي ڪريئيٽو سيل (Creative Cell) جون خدمتون حاصل نه ڪيون هيون. ان وقت ته وڏا وڏا شاعر به ڇپ هڻي ويا هئا. پر ماڻهو پنهنجا نعرا پاڻ ٺاهڻ لڳا هئا ۽ مايون شادين مرادين ۾ معصوم لوڪ گيت ڳائي مارشلا جي مذمت ڪنديون هيون.

آمريت خلاف اهڙو لقاءُ پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ نه هو. اهو وقت سنڌ جي لاءِ سختيءَ جو وقت به هو پر ساڳي طرح سان ان وقت ۾ هلندڙ جدوجهد سنڌ کي نه صرف هڪ عظيم سڃاڻ ڏني پر هن جو سر فخر سان بلند به ڪيو. اهو وقت هو جڏهن نه صرف ملڪ اندر پر ملڪ کان ٻاهر سنڌ جا ماڻهو وڏي اعتماد سان پنهنجو تعارف ڪرائيندي چوندا هئا ته “اسان سنڌي آهيون” ان وقت سنڌي هجڻ هڪ شان ۽ مان جو سبب هو. سنڌ جي اهڙي سياسي فخر کي تباهه ڪيو؟ سنڌ جو اهو عظيم سياسي سرمايو ڪنهن برباد ڪيو؟ سنڌ جي سر تي ٻڌل جمهوري سرواڻيءَ جو اهو پٽڪو ڪنهن ڌوڙ ڪيو؟ ڪنهن اصول وڪڻي اقتدار ورتو؟ ان سوال جو جواب وري به اسان کي ان طرف وٺي ويندو، جنهن طرف ڪجهه سنگ مرر سان سجايل ۽ ڪجهه مٽيءَ سان مٽي ٿيل قبرون آهن. ڪجهه افسوس آهن. ڪجهه ارمان آهن. ها! باقي جن اهي سياسي سودا ڪيا، انهن جا وڏا وڏا بنگلا ۽ وڏيون وڏيون ماڙيون آهن. انهن وٽ ايتري دولت آهي، جو ان جو حساب ڪتاب رکڻ لاءِ انهن پاڻ وٽ معاشي ماهر ذاتي ملازم طور مقرر ڪيا آهن.

سنڌ جي سچي ۽ سرڪش جدوجهد اصولي طور تي هئي ته انمول! پر پوءِ به سياسي بي ضميريءَ جي بازار ۾ ان جي قيمت لڳائي کيس وڪرو ڪيو ويو. سنڌ جي ماڻهن جي سياسي غم، غصي ۽ غيرت کي فروخت ڪري جن اقتدار ورتو، انهن وٽ اقتدار ڪيترو وقت رهيو؟ اهو سوال الڳ آهي پر هن ڪڌي ڪم ۾ سنڌ جو ڪو ڪردار نه هو. جيڪڏهن سنڌ جو ڪو ڏوهه قصور هيو به ته صرف اهوئي هو ته جڏهن اقتداري اڏيءَ تان اصولن جو رت اڏامي رهيو هو، تڏهن ان وقت سنڌ سراپا سانت هئي. ممڪن آهي ته اهو صدمو سنڌ کي اندران ايترو ته کائي ويو هجي جو سنڌ ۾ ايتري قوت باقي نه بچي هجي جو اها ٻڙڪ به ٻاڦي سگهي. ڪي ڪي واقعا وجودن کي پٿرائي ڇڏيندا آهن. ڪي ڪي ڪيفيتون جيئرين جاڳندين قومن کي پٿر جو بت بڻائي ڇڏينديون آهن. ڪي ڪي لمحا اظهار جي سموري سگهه لٽي ڦري ڇڏيندا آهن. اهو به هڪ اهڙو وقت هو. ان وقت سنڌ برف جو سفيد گليشئر بڻجي سياست جي گرم پاڻيءَ ۾ ڳرڻ شروع ٿيو ۽ ان جو وجود هن مهل تائين ان حملي هيٺ آهي. هيترو سارو جبر برداشت ڪرڻ کان پوءِ به سنڌ جو صبر تمام تاريخ جو عظيم طعنو ناهي ته ٻيو ڇاهي؟

اهو تاريخ جو تمام تلخ تماشو آهي ته هن وقت جڏهن پاڪستان جا ٽي صوبا متحرڪ آهن پر سنڌ ماٺ آهي. اهو به هڪ ڪڙو سچ آهي ته اهو پنجاب جنهن جي مٿان سدائين “سمجهوتي پرستيءَ” جي سستي تهمت لڳندي هئي، اهو پنجاب هن مهل سياسي مقابلي جو سڀ کان وڏو ميدان بڻجي ويو آهي ۽ ان ۾ جيڪي ملهه لهن ٿا ۽ جيڪي ڊهن ٿا ۽ جيئن ميڙ مان وري نوان سياسي پهلوان سندرا ٻڌي مخصوص “ٽور” سان ٽلندا اچن ٿا، اهو منظر ڏسي اسان کي سرهائي به ٿئي ٿي ۽ ارهائي به ٿئي ٿي. ڇو ته هن وقت جهڙي طرح پنجاب جو سياسي سفر سرڪش موڙ تان گذري رهيو آهي، ان جو قافلو دهل دمانن سان اڳتي وڌندو ڏسي اسان کي پنهنجي پوئتي رهجي وڃڻ جو افسوس ڪيئن نه ٿيندو؟

هن وقت سنڌ عجيب ڪيفيت مان گذري رهي آهي. سنڌ جيڪا ڪڏهن سياسي طور تي تمام گهڻي سخي ۽ انتهائي آسودي هئي، اڄ هن جو روپ سروپ لڪن ۾ لوساٽيل ان ٽاريءَ جهڙو ٿي ويو آهي، جنهن جي مٿان ڪو به گل نه ٽڙي. جنهن جي مٿان ڪو پوپٽ نه مڙي. جڏهن ته  پورو پنجاب سرڪش ۽ مقابلي واري سياست جي ڦلواري بڻيل آهي. هن وقت پنجاب ۾ جيڪا سياست سرگرميءَ جا نت نوان رستا تلاش ڪري رهي آهي، ان کي ڏسي اسان کي پنهنجي پالهي پڻي جو احساس به ٿي رهيو آهي ۽ ساڳي وقت اهو سوال به ڪر موڙي پنهنجي جائز ۽ مناسب سوال جي طرف به تڪي رهيو آهي ته آخر ايترو وڏو فرق ڇو پيدا ٿيو؟

اڄ پنجاب سياسي طور تي مالامال آهي ۽ سنڌ صفا ڪنگال آهي. جڏهن ته چار ڏهاڪا اڳ صورتحال بنهه ابتڙ هئي. اڳ سنڌ سياسي طور تي سڪار ڀري رهي ۽ پنجاب ۾ تمام گهڻو ڏڪار هو. سنڌ سان اهو ويل ڪنهن ڪيو؟ سنڌ جي شعلا شعلا ۽ جذبن جي جوالا جهڙي وجود کي ڪنهن ماري ۽ ٺاري ڇڏيو؟ سنڌ جي سياسي تمنا جا طوفان ڪنهن تلف ڪري ڇڏيا؟ اهي سوال بظاهر سولا به آهن پر انهن جا جواب صرف تعلقاتن ۾ تلخي پيدا ڪرڻ جهڙا مشڪل ناهن. پر سنڌ جي هن سياسي حال کي سمجهڻ جي لاءِ گهڻ طرفي سوچ ۽ سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي.

لطيف لکيو هو:

“اڳي ائين هياس، جو پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا،

هاڻي ايئن ٿيام، جو جت نه نينم پاڻ سين.”

سنڌ جڏهن جمهوريت لاءِ جيل ۾ به جاکوڙيندي هئي، تڏهن هوءَ پنجاب طرف طعنن ڀريا پيغام به موڪليندي هئي. جڏهن ته اڄ پنجاب اهو به نه ٿو پڇي ته “سياسي طور تي سنڌ ڇا سوچي رهي آهي؟”

Leave A Comment