سنڌ ڌرتي لاءِ سڀني کي گڏجي مزاحمت ڪرڻي پوندي: اياز لطيف

سنڌ ڌرتي لاءِ سڀني کي گڏجي مزاحمت ڪرڻي پوندي: اياز لطيف

وارهه(ن پ ا) جيترو سنڌ جي ماڻهن کي نشانو بڻائيندا، دٻاءُ ۾ رکڻ چاهيندا، سنڌ جي ماڻهن ۾ وڌيڪ نفرت ۽ ڪاوڙ جنم وٺندي، 27 هين آئيني ترميم جمھوريت، عدالت ۽ بنيادي انساني حقن جي قاتل آھي، اهڙو اظهار قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي وارهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندو ڪيو، هاري اڳواڻ قاضي غفار جي 25 هين ورسي جي موقعي تي ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته جيترو سنڌ جي ماڻهن کي نشانو بڻايو ويندو نفرت ايتري ئي وڌيڪ ٿيندي ويندي، اقتدار خاطر انصاف، عدالت، درياھ، وسيلا، زمين تين وال ڪيا پيا وڃن. سنڌ جي قومپرستن، اديبن، دانشورن، ساڃاھ وندن کي دعوت ڏيان ٿو ته اچو انائن کي ڇڏي ھڪ للڪار ٿي سنڌ جي اجتمائي مفادن خاطر ھڪ ٿي مقابلو ڪريون، نوان صوبا ٺاهڻ مطلب سنڌ کي نقصان پهچائڻ جي سازش هوندي، سنڌ جا ماڻهو مزاحمت ڪندا. اياز لطيف وڌيڪ چيو ته سنڌ جا وسيلا لٽي غربت، بيروزگاري، جھالت، انتھاپسندي ۽ ڪارا قانون مسلط ڪيا پيا وڃن.