ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته سنڌ ڌرتي ماءُ نه انتظامي يونٽ آهي، جيڪو صوبن جي ورهاڱي کي غداري سمجهي ٿو ته انهي کان وڏو غدار ڪير به ناهي، اڄ صدي کانپوءِ به اردو زبان نشاني تي آهي، جيڪا چئني صوبن جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو آهي، اڄ اردو دشمنن قائداعظم جي پاڪستان کي ڀٽو جو پاڪستان بڻائي ڇڏيو
فاطمه جناح جي ورسي جي مناسبت سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اردو خلاف سازش ڪري قائداعظم جي پاڪستان کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو، اسان کي ڀٽو جي دور ۾ ئي ڀٽو جي پاڪستان ۾ ڌڪيو ويو
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي ورهاست کانپوءِ مختلف صوبائي اسيمبلين جا اجلاس ٿيا ته ڪي پي، بلوچستان ۽ پنجاب اردو زبان کي پنهنجي ٻولي طور تسليم ڪيو، پر سنڌ ۾ مسئلو هو، هتي ڪجهه ماڻهو سنڌو ديش جو خواب سجائي ويٺا هئا، اهي اردو کي پنهنجي لاءِ سڀ کان وڏي ديوار سمجهن ٿا، انهي ديوار کي ڪيرائڻ جا ڏينهن اچن پيا
هن چيو ته اسين سڀ شهيد اردو جو ذڪر ڪندا رهنداسين، اڄ مادر ملت فاطمه جناح جمهوريت ۽ آمريت جي وچ ۾ سڃاڻپ جي وڏي علامت هئي، هن آمريتي دور ۾ پوري قوم جي ماءُ بڻجي ڍاڪا کان ڪراچي تائين قوم کي پنهنجي قيادت ۾ گڏ ڪيو، ان وقت به 2018ع جهڙي اليڪشن ۽ هينئر ٿيل مڪاني چونڊ جيان طاقت ذريعي جمهوريت کي هارايو ويو
خالد مقبول چيو ته اسين پاڪستان لاءَ قرباني ڏيندا رهيا آهيون، هاڻ به ڏينداسين، اسان پنهنجي حصي جو انقلاب آڻي چڪا آهيون، جنهن لاءِ پاڪستان ٺاهيو ويو هو انهي طرف وٺي وينداسين
هن چيو ته ايم ڪيو ايم سمجهي ٿي ته وفاداري جي توقع اها ئي آهي ته سنڌ ايڊمنسٽريٽو ( انتظامي) يونٽ آهي، اها ڌرتي ماءُ ناهي، ڌرتي ماءُ پاڪستان آهي، انتظامي يونٽ عوام جي ضرورتن مطابق هجي ٿو، جيڪو صوبن جي ورهاڱي کي غداري سمجهي ٿو ته انهي کان وڏو غدار ڪير به ناهي، هتي ڪجهه ماڻهو صوبي کي ديش طور زنده رکڻ چاهين ٿا
ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي ميئر بنجڻ سان ڪير شهر جو مالڪ نٿو ٿي سگهي، 15 سالن کان هن شهر جا وسيلا ۽ اختيار هڪڙي جماعت کي ڏنا ويا آهن، جنهن وٽ 50 سالن ۾ ڪڏهن به ڪراچي جو مينڊيٽ ناهي رهيو، انهي 100 يوسيز تي ڌاڙو هنيو
هن چيو ته پي ٽي آءِ مڪاني اليڪشن کي قبول ڪيو هو، هاڻي ڀلي ڀوڳي، هن وقت معاملو ڪراچي جي اختيار( مينڊيٽ) جو آهي، جيڪو 35 سالن کان اسان وٽ آهي