| سنڌ کان ڪراچي ۽ بلوچستان کان گوادر کسي نٿا سگهجن: ڪرد |
اسلام آباد (م ڊ) لائرس ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه علي احمد ڪُرد چيو آهي ته دنيا ۾ ڪيتريون ئي شيون ناممڪن آهن، اهڙي طرح سنڌ کان ڪراچي ۽ بلوچستان کان گوادر کسڻ به ناممڪن آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو بيان ۾ علي احمد ڪُرد چيو ته اسٽيبلشمينٽ جيڪو ڪجهه ڪرڻ وڃي رهي آهي، ان سان ملڪ تباهه ۽ برباد ٿي ويندو، پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته دنيا ۾ ڪيتريون ئي شيون ناممڪن آهن، ائين ئي سنڌ کان ڪراچي ۽ بلوچستان کان گوادر کسڻ به ناممڪن آهي.