اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) سنڌ کي آڳاٽي خريف ۾ پورو پاڻي نه ملندو، واپڊا جو تربيلا جو ڇوڙ ورائڻ کان جواب، ارسا خريف دوران 30سيڪڙو پاڻي کوٽ سان صوبن ۾ پاڻي ورڇ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ پاران پاڻي ٺاهه بدران ٽه رخي فارمولي تحت ورڇ ڪرڻ تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو
ارسا جي ايڊوائزري ڪاميٽي جو اجلاس ارسا چيئرمين عبدالحميد مينگل جي صدارت ۾ ٿيو. جنھن ۾ صوبن جي ارسا ۾ مقرر ميمبرن چئني صوبن جي آبپاشي کاتي جي عملدارن، واپڊا جي نمائندن ۽ صوبن جي ايگريڪلچر وزارتن سان تعلق رکندڙ نمائندن شرڪت ڪئي
اجلاس ۾ خريف سيزن دوران پاڻيءَ جي ورڇ بابت غور ڪيو ويو جنھن کانپوءِ ارسا پنھنجي ھوڏ قائم رکندي خريف سيزن لاءِ پاڻيءَ ورڇ پاڻي ٺاھه کي نظر اندازي ٽي رخي فارمولي تحت ڪرڻ جي منظوري ڏني، اھڙي منظوريءَ جي حمايت سنڌ صوبي کان سواءِ باقي ٽن صوبن ۽ وفاق جي نمائندي پاران ڪئي وئي، سنڌ پاران ٽي رخي فامولي تحت ورڇ کي پاڻي ٺاھه جي خلاف قرار ڏيندي سخت احتجاج ڪيو ويو
ارسا پاران خريف سيزن لاءِ پاڻيءَ جي ڪُل موجودگيءَ جو ڪاٿو 99.41 ملين ايڪڙ فوٽ يعني ايم اي ايف لڳايو ويو. جنھن مان ڊيمن ۾ 12.06 ايم ايف پاڻي گھٽ ٿيندو. 13.67 ايم ايف پاڻي لاسز يعني ضايع ٿيندو. اُن بعد ڪُل 73.69 ايم ايف پاڻي موجود ھوندو
سڄي خريف سيزن دوران ڪوٽڙي کان ھيٺ ڊائون اسٽريم ۾ رڳو 10.08 ايم اي يف پاڻي ڇڏيو ويندو، اُن بعد 63.61 ايم اي ايف پاڻي صوبن ۾ زرعي مقصد لاءِ تقسيم ڪرڻ لاءِ بچندو، جنھن مان مجموعي طور تي 3.67 اي ايم ايف پاڻي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان کي ملندو. باقي بچندڙ 59.94 ايم ايم ايف پاڻي پنجاب ۽ سنڌ صوبي ۾ تقسيم ٿيندو
آڳاٽي خريف سيزن دوران 30 سيڪڙو پاڻي کوٽ ٿيندي، جڏھن ته 10 جون بعد خريف جي آخر ۾ 7 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي
خريف سيزن دوران پنجاب صوبي کي 31.13 اي ايم ايف پاڻي ملندو، سنڌ صوبي کي 28.81 اي ايم ايف پاڻي ملي سگھندو، ڪي پي ڪي کي 0.82 اي ايم ايف ۽ بلوچستان کي 2.85 اي ايم ايف پاڻي ڏنو ويندو
ارسا جي ايڊوائيزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آھي ته خريف سيزن دوران سنڌ جي بئراجن گڊو، سکر، ڪوٽڙي تي پنجاب صوبي جي آبپاشي کاتي جا ايس ڊي او مقرر ٿيندا، جڏھن ته پنجاب جي بئراجن جناح بئراج، چشما، تونسا، پنجند تي سنڌ صوبي جي آبپاشي کاتي جا ايس ڊي او مقرر ڪيا ويندا. جيڪي بئراجن تي پاڻي وھڪرن جي روزانو بنياد تي رپورٽ ارسا، لاڳاپيل صوبائي حڪومتن ۽ ارسا ۾ مقرر ٻنھي صوبن جي ميمبرن کي اماڻيندا
تربيلا تي 4 ۽ 5 منصوبن تي ھلندڙ ڪم بابت به ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ڪاميٽي ۾ پنجاب ۽ سنڌ مان ارسا جا ميمبر ۽ ٻنھي صوبن جا آبپاشي کاتن جا چيف انجنيئر شامل ھوندا، جيڪي آپريشنل اِشِوز جي حل لاءِ ھنڌن جو دورو ڪري رپورٽ ٺاھيندا
واضح رهي ته سنڌ خريف دوران پورو پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو جيڪو رد ڪيو ويو، واپڊا تربيلا ٽنل جي مرمت جو جواز ڄاڻائي تربيلا جو ڇوڙ ورائڻ کان انڪار ڪيو