ان ۾ هاڻي ڪو به وڌاءُ ناهي ته سنڌ کي آهستي آهستي، مرحليوار، اهڙي خطرناڪ موڙ ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، جتي قانون جي جاءِ تي بندوق، انصاف جي جاءِ تي جرڳو، رياستي اختيار جي جاءِ تي ڀوتارن جي مرضي ۽ انتظاميا جي جاءِ تي مڪمل وائڙائپ نظر اچي ٿي. حالتون جيڪڏهن ائين ئي خراب ٿينديون رهيون ته سڀاڻي سنڌ ۾ رياست جو نالو ته رهندو، پر رياستي عملداري ڳولڻ سان به نه ملندي. “روانڊا” جو حوالو شايد سخت لڳي، پر جڏهن سماج ۾ خوني تڪرار وڌن، قبيلائي هٿياربند جٿا قانون کان مٿانهان ٿي وڃن، جرڳا عدالتن جو متبادل بڻجي وڃن ۽ انتظاميا ڏوهارين ۽ بااثرن اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏي، تڏهن خطرو معمولي نه هوندو.
ڪچي جا علائقا ته ڄڻ سنڌ جي انتظامي نقشي مان ئي ڪڍيا ويا هجن. زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين وچ ۾ خوني ويڙهه ۾ 8 ماڻهو مارجي وڃن ٿا، جڏهن ته هڪ واٽهڙو عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿين ٿا. 8 لاش! 3 زخمي! ۽ سوال اهو آهي ته انتظاميا ڪٿي هئي؟ سنڌ جي حڪمرانن لاءِ شايد ماڻهو مرڻ هاڻي ڪا وڏي خبر ناهي. هڪ قتل، ٻه قتل، پنج قتل، اٺ قتل – خبرون اينديون آهن، بيان جاري ٿيندا آهن، مذمت ٿيندي آهي ۽ پوءِ فائلن جي قبرستان ۾ اهي دفن ٿي وينديون آهن. پر جن گهرن جا چلها وسامي وڃن ٿا، جن مائرن جا پٽ مارجي وڃن ٿا، جن ٻارن جا سهارا گولين جو کاڄ بڻجن ٿا، انهن لاءِ اها ڪا “خبر” ناهي؛ اها سڄي عمر جي سزا آهي. سنڌ ۾ لاقانونيت هاڻي ٻُنڀيءَ ٻاهران بيٺل خطرو ناهي، اها گهر اندر داخل ٿي چڪي آهي. پوليس، جيڪا قانون لاڳو ڪندڙ ۽ شهرين جي محافظ هئڻ گهرجي، ڪيترن ئي علائقن ۾ سياسي، قبيلائي سردارن ۽ ڀوتارن جي پروٽوڪول فورس بڻجي چڪي آهي. عملي صورتحال اها آهي ته بااثر ماڻهو پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ڪن ٿا، جرڳا ماڻهن جي زندگين جا فيصلا ڪن ٿا، هٿياربند ڌريون علائقا يرغمال بڻائين ٿيون ۽ پوليس تماشائي بڻجي بيٺي رهي ٿي. جرڳا سنڌ جي قانوني نظام لاءِ کليل چئلينج آهن. جرڳو جيڪڏهن ڪنهن ثقافتي يا سماجي سطح تي ‘ويهڪ’ هجي ته اها الڳ ڳالهه آهي، پر جڏهن جرڳو عدالت جي جاءِ وٺي، قتل جي بدلي ۾ خون بها مقرر ڪري، عورتن يا ٻارن کي ڪنهن فيصلي جو حصو بڻائي يا ماڻهن جي بنيادي حقن تي فيصلو صادر ڪري، ۽ جيڪا حڪومت اهڙي غيرقانوني نظام کي روڪڻ بدران ان کي برداشت ڪري، اها پنهنجي آئيني ذميواريءَ کان فراريت اختيار پئي ڪري. سنڌ ۾ صورتحال جو سڀ کان خطرناڪ پاسو اهو آهي ته ڏوهاري بي خوف ۽ شهري خوفزده آهن. جنهن سماج ۾ قاتل کي يقين هجي ته سندس طاقت، برادري، سياسي تعلق يا قبيلائي اثر کيس بچائي وٺندو، اتي قانون اڳ ئي مري چڪو هوندو آهي. ۽ جنهن سماج ۾ عام ماڻهو اهو سوچي ته ٿاڻي، عدالت يا انتظاميا وٽ وڃڻ کان اڳ ڪنهن بااثر جي سفارش ڳولڻي پوندي، اتي انصاف زنده نه، صرف ان جو نالو باقي هوندو آهي.
حڪمرانن کي هاڻي مذمتن جا روايتي جملا، جاچ ڪميٽيون ۽ نمائشي اجلاس بند ڪرڻ گهرجن. سنڌ کي “رياستي عملداري” گهرجي، بيان بازي نه. پوليس کي سياسي ۽ قبيلائي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻو پوندو. ڪچي کي ڏوهارين ۽ هٿياربند جٿن جي جاگير سمجهڻ واري روش ختم ڪرڻي پوندي. غيرقانوني هٿيارن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪرڻي پوندي. جرڳائي نظام جي نالي تي قانون کي لتاڙيندڙن خلاف ڪيس هلائڻا پوندا ۽ سڀ کان وڌي ڪري، پوليس ۽ انتظاميا کي جوابده بڻائڻو پوندو ته سندن اکين اڳيان ماڻهو مارجي ڇو رهيا آهن. اڄ به وقت آهي. سنڌ کي قبيلائي رتوڇاڻ، غيرقانوني جرڳن کان آزاد ڪرايو وڃي. اصل مسئلو رڳو پوليس آپريشن جو ناهي. مسئلو حڪمرانيءَ جي ناڪامي جو آهي. جتي ڏوهاري طاقتور ٿين، اتي رياست ڪمزور ٿيندي آهي؛ جتي جرڳا عدالتن جي جاءِ وٺن، اتي قانون ڪمزور ٿيندو آهي؛ ۽ جتي سياسي مفادن لاءِ پوليس کي استعمال ڪيو وڃي، اتي عام شهري بي يارو مددگار بڻجي ويندو آهي. حڪمران اقتدار بچائڻ ۾ مصروف آهن، جڏهن ته سنڌ امن وڃائي رهي آهي.