| سنڌ کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي، عوام نوان صوبا قبول نه ڪندو: عامر نواز |
لاڙڪاڻو/قمبر/رتوديرو(نمائندن وٽان) سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ ۽ ٻين وڪيلن اڳواڻن جي مان ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي عامر نواز وڙائچ چيو ته 27 هين ترميم آئين ۽ شريعت جي خلاف آهن، شريعت ۾ هر ماڻهن کي حساب ڏيڻو آهي ڪنهن کي به تاحيات مراعتون ۽ تاحيات مقرر ڪرڻ اهي ڪنهن به طرح تعريف لائق ناهن، هنن ترميمن سان انصاف هاڻي ختم ٿي چڪو آهي ۽ عدالتن کي تالا لڳي چڪا آهن جيڪي نظر نه پيا اچن، هاڻي رياست ۽ سياست جي انتقام جو نشانو بڻيل ڪو به شخص يا جنهن ۾ حڪومت ۽ اسٽبلشمينٽ جي دلچسپي هوندي ان ۾ ان شخص کي انصاف نه ملندو، هاڻي عدالتون صرف نالي ماتر رهجي ويون آهن. هن چيو ته سکر ۾ وڪيل نه پر خانگي ماڻهو هئا جن هنگامو ڪيو، هر ڀيري ڪٿي به ڪا تحريڪ هلندي آهي ته اتي 10 يا 20 سيڪڙو مخالف ۽ انهن جا پنهنجا مفاد هوندا آهن جيڪي پنهنجي مفادن کي ڏسي ان موجب ڪم ڪندا آهن، هن چيو ته 27 هين ترميم کان پوءِ حالتون تبديل ٿي ويون آهن، سڀئي وڪيل هڪ پليٽ فارم تي آهن،هن چيو ته هي سڀ ملي ڪري اسان جي مٿان حڪومت ڪرڻ چاهن ٿا پر پاڪستان جا باشعور ماڻهو هنن ترميمن کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندا. هن چيو ته صوبن جي ورهاڱي واري معاملي تي وڪيلن سان گڏ عام ماڻهو به گڏجي ويندا ۽ اها صورتحال هن صورتحال کان به وڌيڪ خطرناڪ هوندي ڇاڪاڻ عوام صوبن جي ورهاڱي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا. هن چيو ته 27 ترميم خلاف تحريڪ شروع ٿي وئي آهي، ٻي طرف قمبر وڪيلن کي خطاب ڪندي عامر وڙائچ چيو ته اڄ توهان جي هاءِ ڪورٽ بار جا هٿ ۽ پير ٻڌي گورنمينٽ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي اڳيان اڇلايو ويو آهي انهن کي چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ بار انڌي لولي ۽ لنگري آهي ڪجھه نه ٿي ڪري سگهي، سنڌ کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي، جيڪڏهن سنڌ ۾ 3 نوان صوبا نه ٺاهيا ته وري 3 انتظامي يونٽ ٺاهيا ويندا، راڻا ثناءُ الله چوي ٿو 28 ترميم اپريل ۾ ايندي، واوڍا چوي ٿو ڊسمبر ۾ ايندي، سپريم ڪورٽ جي عمارت هاڻي مقبرو آهي، انهن ترميمن ذريعي توهان جي ڳچي ۾ غلامي جو طوق وڌو ويندو.