سنڌ کي ڪنھن به صورت ۾ ٽوڙڻ نه ڏينداسين: اسد الله کهڙو

سنڌ کي ڪنھن به صورت ۾ ٽوڙڻ نه ڏينداسين: اسد الله کهڙو

مٽياري (رپورٽر)  جميعت علماء اسلام ضلعي مٽياري جي مبلغن جي صدر ۽ پنھنجي مزاحيا انداز ۾ دين اسلام جون تقريرون ڪرڻ سبب مشھوري ماڻيندڙ مولانا اسدالله کھڙي چيو آھي ته سنڌ صدين کان قائم آھي ۽ قائم رھندي سنڌ ڪو بيڪري جو ڪيڪ ناھي جو ڇري کڻي ٻه حصا ڪري ڇڏبا، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ جي ورھاڱي جون ڳالھيون ڪندڙ پاڻ ورھائجي ويندا، جميعت علماءِ اسلام جو واضح ۽ چٽو موقف آھي ته سنڌ کي ڪنھن به صورت ۾ ٽوڙڻ نه ڏينداسين جي ضرورت پئي ته سنڌ جا 7 ڪروڙ ماڻھو روڊن تي ھوندا حڪمرانن کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته سنڌ سان ھٿ چراند بند ڪئي وڃي ھن چيو ته پاڪستان جي عوام ورھائڻ بدران جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ان موقعي تي جي يو آئي بزنس فورم ضلع مٽياري جو صدر صاحب ڏنو ورياھ ۽ جي يو آئي ھالا جو ترجمان مسعود اسدالله کھڙو به ساڻس گڏ ھئا.