سنڌ ڪئنالن جي مخالفت سبب پاڻي بحران ڀوڳي پئي: ذوالفقار جونيئر

سنڌ ڪئنالن جي مخالفت سبب پاڻي بحران ڀوڳي پئي: ذوالفقار جونيئر

ڪنڊيارو (ن پ ا) ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو آهي ته ملڪ جي اڳواڻي صدر ۽ وزير اعظم جا ٻار ڪري رھيا آھن، ڪنھن به غريب جي ٻار کي اڳتي نڪرڻ نٿو ڏنو وڃي، ڪالهه هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته سنڌ ڪئنالن جي مخالفت سبب پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، ارسا موجب سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو گهٽايو ويو آهي، جنھن سان سنڌ جي زراعت کي وڏي نقصان جو خدشو آھي، ھن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ بحث دوران سڀني پارٽين پاڻي جي کوٽ کي سڀ کان وڏو چئلينج قرار ڏنو آھي، ھن چيو ته پاڻي کوٽ سبب سنڌ جا سجاول، ٺٽو، بدين، ٽنڊو محمد خان سڀ کان وڌيڪ متاثر ضلعا آھن، هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ صرف 7 سيڪڙو واڌ ملازمن سان  مذاق آھي