سنڌ ڪابنيا جو الوداعي اجلاس: نگران حڪومت دوران مقررين تي پابندي

آگسٽ 11, 2023

ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ ڪابينا پنهنجي آخري ۽ الوداعي اجلاس ۾ نگران حڪومت دوران صوبي جي سمورن کاتن ۾ مقررين تي پابندي لڳائي ڇڏي

 وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو الوداعي اجلاس ٿيو، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن ۽ چيف سيڪريٽري شرڪت ڪئي

 صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت نگران سيٽ اپ دوران سمورين مقررين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، سنڌ ڪابينا ايس پي ايس سي جي ڀرتين جو سلسلو جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ڪابينا ڊونر ايجنسيز جي منصوبن لاءِ ضروري مقرريون ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي

اجلاس ۾ وڏي وزير صوبائي وزيرن جي ڪارڪردگي جي ڊيسڪ وڄائي ساراهه ڪئي سندس چوڻ هو ته حڪومت پنهنجي مدي دوران عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي

سندس چوڻ هو ته ڪابينا پنهنجي سموري عرصي دوران شهري ۽ ٻهراري واري فرق کي ختم ڪيو، وزيرن جي مشورن ۽ سهڪار ڪرڻ تي سندن ٿورائتو آهيان

ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت چيو ته آئون سمورن آفيسرن پاران وڏي وزير مراد علي شاهه جو شڪريو ادا ڪريان ٿو  ڇاڪاڻ ته وڏي وزير بنا ڪنهن فرق جي سمورن آفيسرن کي عزت ۽ احترام ڏنو

Leave A Comment