سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب: اهم ايجنڊائون شامل

سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب: اهم ايجنڊائون شامل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد  شاھه سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي 16 اپريل تي طلب ڪري ورتو، اجلاس ۾ صوبي جي انتظامي معاملن، ڀلائي جي منصوبن، قانوني هدايتن، شهري سهولتن، تعليمي سڌارن، ٽرانسپورٽ، عورتن جي حقن ۽ سرڪاري اثاثن سميت ڪيترن ئي اهم معاملن تي غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ بورڊ آف روينيو جي اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي ڊائريڪٽوريٽ ۾ آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ ڀرتي ضابطن جي منظوري جو معاملو پڻ پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته حيدرآباد جي تعلقي قاسم آباد جي ڳوٺ مصري شيخ ۾ 6 ايم جي ڊي واٽر فلٽريشن پلانٽ جي تعمير لاءِ زمين الاٽ ڪرڻ بابت تجويز به غور هيٺ ايندي.