| سنڌ ڪلائيميٽ چينج فنڊ ۽ ڪلائيميٽ چينج بورڊ جي قيام جي منظوري |
ڪراچي: سنڌ ڪابينا سنڌ ڪلائيميٽ چينج فنڊ ۽ سنڌ ڪلائيميٽ چينج بورڊ جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير جيو ته هي فنڊ بنيادي طور ڪاربن ڪريڊٽس جي وڪري مان حاصل ٿيندڙ خالص آمدني تي 12 سيڪڙو ڪوري اسپانڊنگ ايڊجسٽمينٽ فيس ذريعي قائم ڪيو ويندو. سنڌ پنهنجي آئيني ۽ مالي حقن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندي ۽ اهڙي ڪنهن به پاليسي کي رد ڪيو ويندو جيڪا صوبي جي استعمال نه ٿيل ماحولياتي فنڊن جي ٻيهر ورڇ جي اجازت ڏئي. هن چيو ته سنڌ پنهنجي حصي جو تحفظ ڪندي ۽ ماحولياتي مالي وسيلا سڌو سنئون ڪمزور ۽ متاثر ٿيل آبادين جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيا ويندا. ڪابينا شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ کي هڪ سال لاءِ انفراسٽرڪچر سيس کان ڇوٽ ڏني ـ