سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسات، عام زندگي مفلوج ٿي وئي: نيئون وهي اچڻ سبب زميني رابطا ڪاٽا

جُولاءِ 23, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري، مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو

بولان نئين وهي اچڻ سبب جهل مگسي کي ملائيندڙ سنڌ-بلوچستان جا رستا پاڻي هيٺ اچي ويا جڏهن ته قبو سعيد خان، بگو دڙو، امام بخش جمالي ۽ کيرٿر تي تيز وسڪارن  بعد جابلون نيون وھي آيون

ونگو جبل تان ڇپون ڪرڻ سبب ايم 8 موٽر وي بند ٿي ويو، سنڌ ۽ بلوچستان ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏيون ونگو جبل جي 5 ھزار فٽ جي بلندي تي ڦاٿل آهن جنهن ڪري سوين مسافر پريشان آهن

جهل مگسيءَ ۾ مُولهه ڍورو به  وهي آيو، هَٿياري، سائين، مَري، اَلڪا ۽ بَزِنَئي سميت مختلف نئيون به تارو تار وهڻ لڳيون

چکي، قبو سعيد خان ۽ ڪچي پل ۾تباهي، شھدادڪوٽ شھر جي الله والي روڊ، ڪوٽو موٽو چوڪ، گرلس اسڪول روڊ، قبو روڊ سميت مختلف هنڌن تي پاڻي بيهجي ويو

بهرام، قمبر،  وڳڻ، وارهه ۽ باڊهه ۾ برسات، دادو شهر ۾ ڏيڍ ڪلاڪ کان تيز وسڪاري سبب 2  فٽ پاڻي  بيهجي ويو، راڻي پور، فيض گنج، ڪرونڊي ۽ ڀرپاسي برسات پئي

خيرپور ضلعي ۾ طوفاني وسڪارن سبب کجي کي ڪاپاري ڌڪ، پڙن تي تيار پيل کارڪ تباهه ٿي وئي، آبادگارن کي لکن جو نقصان پهتو آهي

ڪوهستان، ڪاڇي ۽ کيرٿر تي برسات بعد عام زندگي مفلوج ٿي وئي آهي، نوري آباد سوڌو ڪوهستان جي مختلف علائقن ۾ برسات بعد نئيون تار وهي آيون، رستا پاڻي هيٺ اچڻ سبب مختلف ڳوٺن جو زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو

نئن گاج به 12 فٽ وهي آئي، نلي، اَنگئِي، هَليلـِي، ڪڪڙاڻي ۽ نئن کنڌاڻي به تاروتار ، ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو

گاجي شاهه کان جوهي ۽ سيوهڻ ويندڙ روڊ پاڻي هيٺ اچي ويو، ڪاڇي واسين کي اچ وڃ ۾ پريشاني، برسات جي ڪري عام زندگي سخت متاثر ٿي وئي آهي

Leave A Comment