منشيات جو استعمال انساني سماج ۾ هميشه کان رهيو آهي. پر جديد دور ۾ جڏھن سماج ۾ اڻبرابري، غربت، بيروزگاري ۽ نوجوانن ۾ مايوسي وڌي آھي، تڏھن منشيات جو استعمال ۽ ان جو مارڪيٽ وڌڻ شروع ٿي ويو آهي. خاص ڪري نوجوان نسل، جيڪو سماجي ۽ معاشي انتشار جو شڪار آهي اهو منشيات طرف ڇڪجي رهيو آهي پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ صوبو هن وباءِ ۾ وڪوڙجي چڪو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ هن سال ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ٽائيم نيوز چينل ۽ پنهنجي اخبار هن ڏهاڙي کي “نشي کان پاڪ سنڌ گهرجي” جو عنوان رکيو آهي. ان لاءِ هن مضمون ۾ تازن انگن اکرن، رپورٽن ۽ سماجي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ مسئلي جو جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ ان سان لاڳاپيل خطرن، پاليسي جي ڪمزورين ۽ ممڪن حل ڳولهڻ تي بحث ڪيو ويو آهي، جيڪو پڙهندڙن آڏو رکجي ٿو.
ملڪي صورتحال تازن انگن اکرن جي روشني ۾:
تازن انگن اکرن مطابق، United Nations Office on Drugs and Crime (UNODC) جي رپورٽ موجب 2024ع ۾ پاڪستان ۾ اندازاً 6.7 ملين ماڻهو منشيات استعمال ڪن ٿا؛ جن مان لڳ ڀڳ 2 ملين ماڻهو مستقل عادي (addicts) آهن. ڪجهه رپورٽن موجب پاڪستان ۾ منشيات استعمال ڪندڙن جو انگ 7.6 ملين تائين پيش ڪيو ويو آهي. ملڪ جو انساني سرمايو معاشي بحرانن، غربت ۽ بيروزگاريءَ سبب نوجوان طبقو خاص طور تي نشيءَ جو عادي بڻجي ويو آهي. روايتي منشيات جهڙوڪ ڀَنگ، چرس (Cannabis / Hashish) ۽ هيروئن (Heroin) اڃان تائين وڏي پيماني تي استعمال ٿي رهيون آهن؛ جڏهن ته synthetic منشيات جهڙوڪ Ice/ Methamphetamine جنهن کي Crystal Meth چيو وڃي ٿو، ان جو استعمال تيزي سان وڌي رهيو آهي.
تازو رجحان “Ice” ۽ synthetic منشيات جو عروج:
2025ع ۾ پنجاب پوليس موجب، صرف پنجن مهينن ۾ تقريباً 404 ڪلو “Ice” (Crystal Methamphetamine) ضبط ڪئي وئي، جيڪا 2023 ۽ 2024 جي ضبط ٿيل مجموعي مقدار کان گهڻو وڌيڪ آهي. هي اثر محض پنجاب تائين محدود ناهي. ملڪ جي ٻين حصن، خاص طور تي وڏن شهرن ۾ نوجوانن ۾ آئس ۽ ٻين synthetic منشيات جو استعمال ڏٺو پيو وڃي۔ ماهرن جو چوڻ آهي تہ آئس جهڙي منشيات نہ صرف جسماني پر نفسياتي تباهي جو سبب بڻجي ٿي، جنهن سان يادگيريءَ جو نقصان، اعصابي خرابي، تشدد، نفسياتي بيماريون، ۽ سماجي بيچيني پيدا ٿئي ٿي .
سنڌ جي شهر خاص طور ڪراچي جي صورتحال ۽ خطرا؛
ان ڏس ۾ جڏهن ڪو خاص عوامي سروي 2024-2025ع دوران نہ ٿيو آهي پر انتظامي ادارن جهڙوڪ (Anti‑Narcotics Force (ANF پاران مختلف وقتن تي ڇاپن ۾ ضبط ڪيل منشيات مان معلوم ٿئي ٿو تہ منشيات جي واهپي ۾ تمام گهڻي واڌ اچي چڪي آهي. مثال طور مارچ 2025 ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 588 ڪلو کان وڌيڪ منشيات ضبط ڪئي وئي، انهن ۾ آفيم، چرس، آئس ۽ ٻئي ڪيتري خطرناڪ منشيات شامل هئي، جيڪا ڪجهه شاگردن ۽ نوجوانن تائين سولائي سان پهچي پئي سگهي. رپورٽن موجب ڪوڙي ۽ غيرقانوني نيٽ ورڪ، اسمگلنگ ۽ غير شفاف معيشت، منشيات جي ورهاست جو اهم سبب آهن، جنهن ڪري قانوني ۽ انتظامي ڪنٽرول اڪثر ناڪام رهي ٿو.
سماجي ۽ معاشي پسمنظر: نوجوان نشي ڏانهن ڇو ڇڪجن ٿا؟
هيٺ ڪجھ اهم سبب آهن جيڪي نشي جي وباءَ کي جنم ڏين ٿا:
* غربت ۽ بي روزگاري:
پاڪستان ۾، خاص ڪري ڳوٺاڻن علائقن ۽ شهري بي روزگار نوجوانن ۾ روزگار جي کوٽ ۽ مستقبل جي غير يقينيءَ سبب مايوسي وڌي آهي، جيڪا نوجوانن کي منشيات ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
* تعليم ۽ راندين جي کوٽ:
نوجوانن لاءِ صحت مند تفريحي ۽ تربيت جا موقعا گهٽ آهن جنهن ڪري وقت جو استعمال ناڪاري سرگرمين جهڙوڪ منشيات ۾ ٿئي ٿو.
آسان پهچ ۽ سستي قيمت:
چرس، هيروين ۽ خاص طور “Ice” جهڙي synthetic منشيات مارڪيٽ ۾ سستي ملي ٿي جنهن ڪري شاگرد، محنت ڪش طبقو ۽ نوجوان آساني سان انهن جو استعمال شروع ڪري ڇڏين ٿا.
غيرقانوني نيٽ ورڪ ۽ طاقتور سرپرستي:
اسمگلنگ، غيرقانوني ورهاست ۽ سرڪاري ادارن جا ملوث عناصر منشيات جي مارڪيٽ کي محفوظ بڻائين ٿا؛ جنهن ڪري گرفتاريون گهٽ ٿين ٿيون ۽ واهپيدار وڌندا وڃن ٿا.
منشيات جو سماجي، صحت ۽ قومي مستقبل تي اثر:
نشي جي عادت نوجوانن ۽ خاندانن کي زندگيءَ جي اهم مرحلن تي تباهه ڪندي آهي. ماڻهوءَ جي ذاتي، مالي ۽ سماجي زندگي ٽٽي پوي ٿي. خاندان جي تباهي، ٻارن جي تعليم جو خاتمو، روزگار جو نقصان، نفسياتي بيماريون ۽ صحت جا سنگين مسئلا عام هوندا آهن. آئس ۽ ٻئي injection-based منشيات جو استعمال HIV ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين جي خطري کي بہ وڌائي ٿو. نوجوان نسل جو وڏي تعداد منشيات جي گرفت ۾ اچڻ سان پاڪستان جو مستقبل خطري ۾ آهي. تعليمي نظام، معاشي ترقي، سماجي استحڪام ۽ انساني سرمائي جو وڏو نقصان ٿئي ٿو.
موجوده پاليسي، قانون ۽ عملدار قوتن جا ڪمزور پاسا:
پاڪستان ۾ 1997ع کان CNSA (Control of Narcotic Substances Act) لاڳو آهي ۽ ANF وانگر ادارا منشيات خلاف آپريشن ڪن ٿا. پر پابنديون ۽ گرفتارين کان علاوه بحالي (rehabilitation) ۽ شعور (awareness) تي ڪم اڃان اڻپورو آهي.ڪيترائي متاثر بحالي سينٽرن تائين رسائي نٿا رکن يا کين علاج لاءِ ضروري سهولتون ميسر ناهن. جيتوڻيڪ قانون سٺو آهي پر ان تي عمل (implementation) ۽ ادارن ۾ شفافيت جي کوٽ سبب اثرائتي مداخلت ممڪن نہ ٿي رهي۔
ممڪن حل ۽ حڪمتِ عملي لاءِ تجويزون:
قومي ۽ صوبائي سطح تي نئين سروي 2025-2026ع دوران هڪ جامع سروي ڪرائي وڃي، جنهن ۾ هر صوبو شامل هجي ۽ خاص ڪري سنڌ کي اوليت ڏني وڃي، جنهن ۾ متاثر ماڻهن جي عمر، جنس، تعليم، پيشو ۽ معاشي حالت سان گڏ تفصيلي انگ اکر گڏ ڪيا وڃن تہ نشي جي حقيقي استعمال ۽ رجحان کي سمجهي سگهجي۔
نشي جي استعمال کي ڪيئن روڪجي؟
* تعليمي ادارن ۾ نشي خلاف شعور اجاگر ڪرڻ.
* بحث مباحثا ڪرڻ ۽ نوجوانن لاءِ متبادل سرگرمين جو انتظام ڪرڻ.
* راندين، ثقافتي ۽ فني سرگرمين سان گڏ نوڪريءَ وارن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تہ نوجوانن کي هاڪاري سرگرمين ۾ مشغول رکجي۔
* ميڊيا، اخبارن ۽ سماجي اڳواڻن ذريعي نشي جي خطرن بابت مسلسل شعور مهم هلائڻ.
بحالي (Rehabilitation) ۽ بحال ٿيڻ جي سهولت:
عوامي ۽ غير سرڪاري بحالي سينٽر قائم ڪرڻ، جتي نشي جي عادي متاثرن جو مفت يا گهٽ خرچ تي علاج ٿي سگهي. ان کان علاوه نشي جي عادت ترڪ ڪندڙ ماڻهن جي سماجي بحالي (نوڪري، تعليم ۽ تربيت) فراهم ڪرڻ، جيئن هو مستقبل ۾ ڪارائتا شهري بڻجن.
قانون ۽ انتظامي شفافيت:
قانون سختي سان لاڳو ڪيو وڃي، مگر نشي جي متاثر ماڻهن کي سزا ڏيڻ بدران انهن جو علاج ڪيو وڃي۔ اسمگلنگ ۽ وڪري وارن نيٽ ورڪن، جن ۾ ڀلي بااثر ماڻهو شامل ڇو نہ هجن، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. پوليس، ڪسٽم ۽ ٻين انتظامي ادارن ۾ احتساب ۽ شفافيت يقيني بڻائي وڃي۔
عوامي شموليت ۽ سماجي ذميواري:
خاندان، اسڪول،نوجوان جون تنظيمون ۽ سماجي اڳواڻن کي شامل ڪري نشي خلاف محاذ ٺاهي مستقل ڪم ڪيو وڃي۔
نشي کي “گناه يا ڏوھ” بدران “بيماري ۽ سماجي مسئلي” طور پيش ڪيو وڃي تہ جيئن عادي ماڻهو بحالي لاءِ اڳتي اچن۔
اُميد، ذميواري ۽ گڏيل جدوجهد:
پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ هڪ بحران کي منهن ڏيئي رهي آهي: منشيات جو وائرس، جيڪو نوجوانن، خاندانن ۽ مستقبل کي متاثر ڪري ٿو. ان بحران مان نڪرڻ ممڪن آهي پر ان لاءِ ضروري آهي تہ رياست، انتظاميا، سماج ۽ عوام گڏجي سنجيده پاليسي اختيار ڪن، نوجوانن کي تعليم، روزگار، شعور ۽ صحت مند سرگرمين جا موقعا ڏنا وڃن. نشي کي ڏوھ يا گناھ نه، پر سماجي بيماري سمجهي ان جو علاج ڪيو وڃي ۽ متاثر شخص جي عزت ۽ احترام بحال رکيو وڃي. جيڪڏهن ارادو مضبوط هجي تہ سنڌ ۽ پورو پاڪستان نشيءَ کان پاڪ، صحت مند ۽ روشن مستقبل ڏانهن وڌي سگهي ٿو.