سنڌ ۾مزدورن جي گھٽ ۾گھٽ ماھوار اجرت 32 ھزار رپيا مقرر
نومبر 4, 2023
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت مزدورن جي گھٽ ۾ گھٽ ماھوار اجرت 32 ھزار ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، اڳوڻي پ پ حڪومت بجيٽ وقت مزدورن جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 32 ھزار رپيا ماهوار مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو، نگران ڪابينا 3 ڏينهن اڳ اجرت ۾ واڌ جي منظوري ڏني، جنهن بعد پورھئي واري کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب گھٽ ۾ گھٽ اجرت پھرين جولاءِ کان لاڳو ڪئي وئي آهي، مزدورن کي مهيني ۾ 4 موڪلون هونديون، نوٽيفڪيشن ۾ مزدور جي ڏھاڙي اجرت 1233 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي