سنڌ ۾گريڊ 15 تائين ڀرتين لاءِ ورتل ٽيسٽ 2028ع تائين ڪارآمد قرار: منشيات روڪٿام لاءِ 14 ڪورٽون قائم     

سنڌ ۾گريڊ 15 تائين ڀرتين لاءِ ورتل ٽيسٽ 2028ع تائين ڪارآمد قرار: منشيات روڪٿام لاءِ 14 ڪورٽون قائم     

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ڪابيناگريڊ 5 کان 15 جي نوڪرين لاءِ آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ نتيجن کي 2028ع تائين ڪارآمد قرار ڏيندي ورڪس کاتي کي پ پ موڊ وارين رٿائن لاءِ ڀرتين جي اجازت ڏئي ڇڏي،ڪالهه ڪابينا ورڪس کاتي جي 11 آگسٽ 2023ع تي ڀرتين جي پابندي ۾ رعايت بابت درخواست جو جائزو ورتو، درخواست ۾  پ پ  موڊ وارين رٿائن حيدرآباد – ميرپورخاص ڊبل ڪيريج وي، ملاڪاتيار پل، ڪراچي ٺٽو ڊبل ڪيريج وي، گھوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل ۽  ايم 9 -اين 5 لنڪ روڊ لاءِ باصلاحيت  عملي جي ڀرتي جي اجازت گهري وئي هئي، ڪابينا درخواست منظور ڪندي ورڪس کاتي کي هدايت ڏني ته اوپن مارڪيٽ بنياد وارين پوسٽن ڊائريڪٽرز ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز  (قانون، پروڪيورمينٽ، ۽ ٽيڪنيڪل شعبا) جي ڀرتين لاءِ  آءِ بي اي ڪراچي کي شامل ڪيو وڃي ڪابينا آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽنگ سروس (ايس ٽي ايس) پاران BS-5 کان BS-15 جي پوسٽن لاءِ ڪيل اسڪريننگ ٽيسٽ جي نتيجن جي مدي ۾ واڌ تي غور ڪيو، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته گريجوئيشن ڪيٽيگري لاءِ لکت واري ٽيسٽ جنوري 2023 ۽ انٽرڪيٽيگري لاءِ ٽيسٽ جون 2023 ۾ ٿي، جنهن لاءِ 3 سالن جو مدو مقرر ڪيو ويو هو، هاءِ ڪورٽ جي اسٽي آرڊر، 2024ع عام چونڊن ۽ بعد ۾ ڀرتين تي پابندي سبب اهي ڀرتيون نه ٿي سگهيون،  ٽيسٽ نتيجن جي 2026 ۾ ختم ٿيڻ کان بچڻ ۽ اميدوارن جي اهليت کي برقرار  رکڻ لاءِ ڪابينا ٽيسٽ جي نتيجن جي مدي ۾ جون 2028 تائين واڌ ڪري ڇڏي، ڪابينا ڪمند جي پيڙھائي لاء  15 نومبر 2025ع جي تاريخ منظور ڪري ڇڏي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ ڪرشنگ ۾ 30 نومبر کان دير سان نه ٿيڻ گهرجي، آبادگارن کان وقت سر ڪمند جي خريداري ٿيڻ گھرجي ته جيئن ڪمند سوڪھڙي کان بچي، ڪڻڪ جي فصل لاءِ زمين جي تياري ۾ دير نه ٿئي. ڪابينا کي ٻڌايو  ويو ته شگرڪين ايڪٽ ڪنٽرول بورڊ جي  بار بار گڏجاڻين باوجود پاسما (PSMA) وارا اچڻ لاءِ تيار ناهن
 

ڪراچي: سنڌ ڪابينا جناح اسپتال ۾ نئين ايمرجنسي ٽاور لاءِ 15 ملين ڊالر گرانٽ، 14 اينٽي نارڪوٽڪس ڪورٽون ۽ انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ سينٽر آف ايڪسيلنس قائم ڪرڻ، آءِ ٽي ٽاور جي قيام لاءِ تاريخي عمارت جي خريداري جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير جي مراد شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾  57 ايجنڊائن تي غور ڪيو ويو .  اجلاس ۾ جناح اسپتال جي ايمرجنسي ٽاور لاءِ 15 ملين ڊالر گرانٽ منظور ڪيا ويا،  پيشنٽس ايڊ فائونڊيشن  کي 15 ملين ڊالرن جي اها رقم پاڪستاني رپئي جي صورت ۾ ملندي، اھا گرانٽ نئين 12-ماڙ ايمرجنسي ٽاور لاءِ اوزارن ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪتب ايندي، تجويز ڪيل ايمرجنسي ٽاور جو مجموعي ڪاٿو 35 ملين ڊالر آهي. پيشنٽس ايڊ فائونڊيشن جي  ڊونرز جي ڪنسورشيم تعميراتي حصي لاءِ 20 ملين ڊالرز جو واعدو ڪيو آهي.  ايمرجنسي ٽاور ۾ 722 بسترا ۽ 17 آپريٽنگ ٿيٽر هوندا.ڪابينا پيپلز ڪميونٽي هيلٿ سروسز ڪمپني جي قيام جي منظوري ڏني، جيڪا صوبي ۾ ڪميونٽي سطح  تي صحت جي بحالي ۽ توسيع لاءِ غير منافع بخش ادارو هوندو. اها ڪمپني پراڻي ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام کي جديد بڻائيندي هن وقت اهو پروگرام سنڌ جي 41 سيڪڙو آبادي کي فائدو پھچائي ٿو، 2035 تائين 9600 کان وڌيڪ ليڊي ھيلٿ ورڪرز  ۽ سپروائزر رٽائر ٿيڻ واريون  آهن، نئين ڪمپني ليڊي هيلٿ ورڪرز ڀرتي ڪرڻ سان گڏ کين ٽريننگ فراهم ڪندي، ڪمپي پنهنجو دائرو رهيل 59 سيڪڙو آبادين تائين وڌائيندي ڪمپني ۾ مختلف شعبن جا 9 ميمبر شامل ھوندا، جيڪي  هيلٿ سيڪريٽري جي ماتحت جوڙيل بورڊ جو حصو ھوندا، نئين ڪمپني  جي  شروعاتي سيٽ اپ، ٽريننگ، لاجسٽڪس ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ ھلندڙ مالي سال ۾ 20 ڪروڙ پڻ منظور ڪيا ويا،  اجلاس ۾ نارٿ ڪراچي جي 225 بسترن واري چلڊرين اسپتال  لاءِ بجيٽ جي ريشنلائيزيشن جي منظوري ڏني وئي، اها  اسپتال  پبلڪ-پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت پاورٽي اراڊڪشن انيشيٽو سان ڪم ڪري ٿي،  29 سيپٽمبر 2026 تي 10 سالن جو معاهدو ختم ٿيڻ تائين بجيٽ کي 833.77 ملين ڪيو ويو، ڪابينا گھرو کاتي جي تجويز تي 14 اينٽي-ٽريرازم ڪورٽن کي سنڌ نارڪوٽڪس سبسٽينس ايڪٽ 2024ع تحت اسپيشل ڪورٽس ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،  هن وقت سنڌ ۾ دھشتگردي  جي خاتمي واريون  33 عدالتون آهن، جن مان 20 ڪراچي ۾ ۽ 13 ٻين ضلعن ۾آهن. ڪراچي جي ڪيترن ئي اي ٽي سيز ۾ گهٽ ڪيسن هجڻ ڪري گھرو کاتي تجويز ڏني ته  ڪراچي جي 13 ۽ حيدرآباد جي هڪ اي ٽي سي کي ختم ڪري اسپيشل ڪورٽن ۾ تبديل ڪيو وڃي، جن ۾ منشيات ڪيسن کي تيزي سان نبيريو وڃي. انهن اسپيشل ڪورٽن کي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد، سکر، ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن ۾ قائم ڪيو ويندو سنڌ ڪابينا گهرو کاتي “ سنڌ سينٽر فار ايڪسيلنس آن ڪائونٽرنگ وائلنٽ ايڪسٽريمزم جي قيام جي منظوري ڏني، ڪابينا سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي کي آءِ ٽي ٽاور لاءِ ايم اي. جناح روڊ تي حبيب انشورنس / ايڇ بي اي جي تاريخي ورثو قرار ڏنل  عمارت خريد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي