ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ 19هين ۽ 20هين گريڊ جي انتظامي عهدن تي آفيسرن جو بحران، 20هين گريڊ جا 10 عهدا خالي پيل، 12 عهدن تي من پسند آفيسرن کي اضافي چارجز سونپيل، انتظامي بحران جا تفصيل چيف سيڪريٽري حوالي ڪيا ويا
ان حوالي سان “پنهنجي اخبار” کي مليل دستاويزن موجب سنڌ ۾ انتظامي عهدن تي اڻهوند جو نئون معاملو سامهون اچي ويو آهي، سنڌ ۾ 19هين ۽ 20 هين گريڊ جا 93 عهدا مستقل آفيسرن جي مقرري نه ٿيڻ جي ڪري خالي پيل آهن يا وري اضافي چارج تي هلي رهيا آهن
مليل ڄاڻ موجب عملدرآمد کاتي جي سيڪريٽري وارو عهدو خالي پيل آهي، جنهن جي اضافي چارج 20هين گريڊ جي سنڌ پيپلز هائوسنگ جي ڊائريڪٽر جنرل خالد محمود حوالي ٿيل آهي، ساڳئي ريت پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي سيڪريٽري جي اضافي چارج گھرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري جاويد ابڙو حوالي ٿيل آهي
جائزي موجب گورنر جي پرنسپل سيڪريٽري، لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل (پي ڊي اينڊ آر)، تعليم کاتي جي ڊي جي (ايڇ آر) ۽ گھرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري وارا عهدا خالي پيل آهن، جڏهن ته ماحولياتي تبديلي جي ڊي جي واري 20هين گريڊ جي عهدي جي اضافي چارج ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي 19هين گريڊ جي آفيسر اخلاق قريشي حوالي ٿيل آهي
ناڻي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جي اضافي چارج وري ناڻي کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل (پي پي پي يونٽ) اسد ضامن حوالي ٿيل آهي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي ڊي جي مانيٽرنگ اينڊ اويليشن وارو عهدو 30 آگسٽ کان خالي پيل آهي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي چارج ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي سيڪريٽري سعيد جماڻي حوالي ٿيل آهي، ساڳئي ريت ڪي ڊي اي جي ميمبر ايڊمنسٽريشن وارو عهدو 8 ۽ ميمبر فنانس وارو عهدو به 7 مهينن خالي پيل آهي
سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ايم ڊي واري عهدي جي اضافي چارج ڪين ڪمشنر ضمير جاگيراڻي حوالي ٿيل آهي، ثقافت کاتي جي ڊي جي واري عهدي جي اضافي چارج زڪوات واري سيڪريٽري منور مهيسر کي مليل آهي، پوليو جي ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر وارو عهدو صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري فياض عباسي حوالي ٿيل آهي
ڪراچي واٽر بورڊ جي ڊپٽي ايم ڊي (فنانس) واري 20هين گريڊ جي عهدي تي 19هين گريڊ جو پي ڊي رفيق قريشي ويٺل آهي، ايم ڊي اي جي ڊي جي اضِافي چارج سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي ياسين شر جي حوالي ٿيل آهي
ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته سروسز کاتي جي اختيارين پاران 20هين ۽ 19هين گريڊ جي خالي پيل عهدن بابت چيف سيڪريٽري کي آگاهي ڏيندي اها سفارش به ڪئي وئي آهي ته خالي عهدن تي مستقل مقرري ڪري پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل آفيسرن جون مقرريون ڪيون وڃن
19 گريڊ ۾ 71 پوسٽن تي مستقل مقرري نه ٿيڻ جو انڪشاف
19هين گريڊ ۾ 71 عهدن تي مستقل مقرري نه هجڻ جو انڪشاف، 64 عهدا خالي پيل، 7 آفيسرن کي اضافي چارج ڏئي ويهاريو ويو !بحالي کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري واري عهدي جي چارج مهوش قلباڻي حوالي ٿيل آهي، جڏهن ته صوبائي محتسب جي ڊائريڪٽر واري عهدي جي اضافي چارج پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري سعيد شيخ حوالي ٿيل آهي
صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ( پي ڊي ايم اي) جي ڊائريڪٽر جي اضافي چارج 19هين گريڊ جي سيد شاھ حسين حوالي ٿيل آهي، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري واري اضافي چارج 19هين گريڊ جي فتاح هُليو حوالي ٿيل آهي، بورڊ آف روينيو جي پي ڊي (آٽوميشن آف اسٽيمپ )جي عهدي جي اضافي چارج ڊائريڪٽر (لارمس) عبدالواجد شيخ جي حوالي ٿيل آهي
سيڪريٽري /ڊائريڪٽر(ڪچي جي زمين)، سيڪريٽري /ڊائريڪٽر (آءِ ٽي)، بورڊ آف روينيو جي ايڊيشنل سيڪريٽري ٽيڪس مينيجمينٽ، ڊي جي سنڌ لوڪل گورنمينٽ ڪميشن، گورنر سيڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽر، سنڌ ڪوآپريشن هائوسنگ اٿارٽي جي ايم ڊي، ڪراچي فش هاربر جي ڊائريڪٽر (ايڊمن)، بورڊ آف روينيو جي ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ سيل، عورتن بابت ڪميشن جي سيڪريٽري، بينظير ڀٽو هيومن ريسورس جي ڊائريڪٽر، ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر (آرڪائيو)، سنڌ ڪول اٿارٽي جي ڊي جي، هيومن رائيٽس جي ڊائريڪٽر، ڪاليج ايجوڪيشن،پبلڪ هيلٿ ۽ قانون کاتن جي ايڊيشنل سيڪريٽرين جا عهدا خالي پيل آهن
هوڏانهن معدني وسيلن واري کاتي جي ڊائريڪٽر (فنانس)، صحت کاتي جي پراجيڪٽ پي پي پي نوڊ جي ڊائريڪٽر، پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر (آپريشن) وارو اهم عهدو به خالي پيل آهي. ناڻي کاتي جي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشِپ واري ايڊيشنل ڊي جي، بورڊ آف روينيو جي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن، ماحوليات، توانائي، اطلاعات، ايڪسائيز، يونيورسٽيز ۽ بورڊز، ٽرانسپورٽ، خوراڪ، اسڪول ايجوڪيشن ۽ مڪاني کاتن جي ايڊيشنل سيڪريٽرين، وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي ميمبر، ٿرڪول انرجي بورڊ جي ڊائريڪٽر، اي ڊي سي ون لاڙڪاڻو، اينٽي ڪرپشن جي ڊائريڪٽر (ليگل) وارا عهدا به خالي پيل آهن
اسٽيوٽا چيف رٽائر: اضافي چارج وري زال حوالي !!
اسٽيوٽا جي ايم ڊي واري عهدي تان مڙس جي رٽائرڊ ٿيڻ بعد سندس زال کي ساڳئي عهدي جي اضافي چارج ڏني وئي! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽرينگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) جي ايم ڊي واري عهدي تان مصطفيٰ سهاڳ جي رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار پاران ڄاڻايل عهدي تي مستقل مقرري ڪرڻ بجاءِ سندس زال ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جي سيڪريٽري شيرين مصطفيٰ ناريجو کي اضافي چارج سونپي وئي آهي
ساهه سيباڻو لاڙڪاڻو بنا ڊي سي هلڻ لڳو: چارج قمبر جي ڊي سي کي سونپيل
لاڙڪاڻي ۾ عورت ڊپٽي ڪمشنر کي ايس ايس پي خلاف خط لکي سندس ڪارڪردگي تي سوال اٿارڻ جي ڏوهه ۾ عهدي تان هٽائڻ کانپوءِ پرڳڻي جي اهم ضلعي ۾ مستقل ڊپٽي ڪمشنر مقرر نه ڪيو ويو آهي، سنڌ سرڪار پاران قمبر جي ڊي سي سليم اوڍو کي لاڙڪاڻي جي اضافي چارج سونپي ڇڏي آهي. جنهن ڪري لاڙڪاڻي ضلعي جا انتظامي معاملا رولڙي جو شڪار بڻيل آهن