| سنڌ ۾ آمريت آهي، پنجاب جهڙو سلوڪ ٿيو: ڊي چوڪ لاءِ عمران خان جي سڏ جو انتظارآهي: سهيل آفريدي |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي، حبيب جمالي ۽ الطاف چنا) ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جو پاور شو، پوليس پاران جناح باغ ۽ مزار قائد ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا سِيل، پي ٽي آءِ کي جلسي جي باضابطه اجازت ڏيڻ باوجود انتظاميا اسٽيج لڳائڻ نه ڏنو، سڄو ڏينهن چڪريون هلڻ باوجود، ڪارڪن سموريون رڪاوٽون ٽوڙي جناح باغ پهچي ويا، ڪالهه شام ڪي پي جو وڏو وزير سهيل آفريدي جلسي گاھ ۾ پهچڻ لاءِ سپر هاءِ وي کان جناح باغ ڏانهن روانو ٿيو، جنهن جي قافلي جي سهراب ڳوٺ، الآصف اسڪوائر ۽ لياري ايڪسپريس وي وٽ رستا روڪ ڪئي وئي. اهو قافلو مختلف رستن کان ٿيندو جناح باغ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ان دوران مختلف علائقن مان ڪارڪنن جو وڏو انگ سهيل آفريدي جي قافلي ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. رات دير سان سهيل آفريدي جو قافلو نمائش چورنگي تي پهچي ويو، جنهن جناح باغ ۾ جلسي جا انتظام نه هجڻ سبب نمائش چورنگي تي پهچي جلسو ڪيو، جلسي کي خطاب ڪندي خيبرپختونخواھ جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته جيڪو رويو پنجاب حڪومت اختيار ڪيو، اهو ئي رويو سنڌ سرڪار پاران اختيار ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جو پيغام پهچائڻ لاءِ سنڌ آيل هئس، سنڌ جي ماڻهن خاص طور تي ڪراچي ڊويزن جي عوام تمام گھڻي محبت ڏني، مختلف علائقن مان ڀرپور استقبال ڪيو ويو، اسان جي مائرن، ڀينرن ۽ ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جو جيڪو حڪم ٿيندو، ان تي عمل ڪيو ويندو، هن چيو ته ڄامشوري ۽ حيدرآباد جي دوري کان پوءِ واپسي تي به اسان جي قافلي اڳيان رڪاوٽون وڌيون ويون، اسان اونداهي وارن رستن تان واپس آياسين،. هن چيو ته اڄ جلسي کي خراب ڪرڻ جي منظم ڪوشش ڪئي وئي، پوري طرح پوليس گردي ڪئي وئي. پارٽي جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو، رستا بند ڪرڻ جي باوجود به ڪارڪنن جو وڏو انگ گڏ رهيو، جيڪو عوامي حوصلي ۽ همت جو ثبوت آهي. سهيل آفريدي چيو ته پنجاب حڪومت جيڪو رويو اختيار ڪيو هو، اهو ئي ساڳيو رويو سنڌ جي جعلي حڪومت به اختيار ڪيو. سهيل آفريدي خطاب کانپوءِ گاڏي تي بيهي ڪارڪنن سان هٿ ملائي سندن حوصلو وڌايو. هن اعلان ڪيو ته هاڻ ايندڙ مرحلو خيبرپختونخوا ۾ ٿيندو ۽ اسٽريٽ موومينٽ ذريعي عمران خان جو پيغام سڄي ملڪ ۾ پهچايو ويندو. سهيل آفريدي سنڌ خاص طور ڪراچي جي عوام جو ٿورائتو ٿيندي چيو ته عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته قوم عمران خان سان گڏ بيٺل آهي.هن چيو ته جيڪي ماڻهو سمجهندا هئا ته عمران خان جي سياست ختم ٿي وئي آهي، اهي اڄ اچي ڏسي وٺن. جنهن ڏينهن عمران خان سڏ ڏيندو، عوام تيار هوندي ۽ نڪري پوندي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي عوام ثابت ڪيو آهي ته بنا سهولتن جي به وڏو جلسو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته سنڌ حڪومت رڪاوٽون وڌيون، پر عوام سڀ رڪاوٽون هٽائي جلسو ڪامياب بڻايو. سهيل آفريدي دعويٰ ڪئي ته اڄ لکين ماڻهن جي موجودگي سان ثابت ٿي ويو آهي ته ڪراچي جي نمائنده جماعت پي ٽي آءِ آهي. هن الزام هنيو ته جيڪي ماڻهوجمهوريت جا دعويدار هئا، اهي جمهوريت پسند ثابت نه ٿيا.هن سنڌ حڪومت تي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي بي حرمتي جو الزام لڳائيندي چيو ته عوام اهڙي روش کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي گڏجي آئين جو ڍانچو تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ڊڪٽيٽرشپ قائم آهي.سهيل آفريدي وڌيڪ چيو ته عوام ڊي چوڪ وڃڻ لاءِ تيار آهي، صرف عمران خان جي سڏ جو انتظار آهي. هن ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان کي تيار رهڻ گهرجي، اهوئي جذبو ۽ جنون برقرار رکڻو آهي.هن واضح ڪيو ته اسان ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين ته هو اسان جا حق ختم ڪري يا قوم جي ليڊر کي بنا جواز جيل ۾ رکي. “سهيل آفريدي چيو ته سنڌ ۾ ٿيندڙ فسطائيت هميشه ياد رکي ويندي ۽ اسان جا رستا روڪيا ويا آهن پر جدوجهد جاري رهندي.