سنڌ ۾ استادن جون ڀرتيون ٽيچنگ لائسنس سان مشروط: 50 سيڪڙو مارڪون لازمي قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ استادن جي ڀرتيون ٽيچنگ لائسنس ٽيسٽ سان مشروط، ٽيچنگ لائسنس ٽيسٽ لاءِ ٿرڊ پارٽي کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو، استادن ڀرتين لاءِ 50 سيڪڙو مارڪون لازمي قرار،ڪالهه سنڌ ٽيچرز ايجوڪيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي (اسٽيڊا) جو 19هون اجلاس تعليم واري وزير سردار شاھ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ 10 ايجنڊائن تي غور ڪرڻ سان گڏ استادن جي ڀرتين جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. ٽيچنگ لائسنس جي ايندڙ مرحلي بابت فيصلو ڪندي چيو ويو ته ٽيچنگ لائسنس لاءِ ٻئي مرحلي واري ٽيسٽ  سيپٽمبر مهيني ۾ ورتي ويندي، انهي ٽيسٽ لاءِ ٿرڊ پارٽي کان خدمتون ورتيون وينديون. اجلاس ۾ استادن جون ايندڙ ڀرتيون ٽيچنگ لائسنس جي ٽيسٽ سان مشروط ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. هاڻي رڳو ٽيچنگ لائسنس جو ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار ئي استاد ڀرتي ٿي سگھندا. اجلاس ۾ تجويز رکي وئي ته استادن جي ڀرتين لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 50 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي ئي ڪامياب قرار ڏنو وڃي. اجلاس ۾ استادن جي ڀرتين واري قانون ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ به غور ڪيو ويو، قانون ۾ تبديلي بابت تجويزون پيش ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي.