سنڌ ۾ اضافي لا آفيسر هٽائڻ جي هدايت: نوٽيفڪيشن تي آفيسر جو نالو لکڻ جو حڪم
نومبر 28, 2023
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سرڪاري لکپڙهه ۽ نوٽيفڪيشن تي آفيسرن جو نالو لکڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ڪاغذن ۽ نوٽيفڪيشن تي آفيسر جو عهدو ۽ نالو لکيو وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ اسسٽنٽ ڪنزرويٽو ٻيلو کاتي ۾ ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڀرتين جي عمل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سيڪريٽري ٻيلو کاتو، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان جواب طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس فائز عيسيٰ سنڌ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس جي لاء آفيسرن تي سوال اٿاري ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته سنڌ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس ۾ 80 لاء آفيسر آهن، لاء آفيسرن جي ايتري فوج آهي عدالت ۾ ڪير پيش ناهي ٿيندو، چيف جسٽس اضافي لاء آفيسر هٽائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جڏهن اسان پريڪٽس ڪندا هئاسين ته ٻه ٽئي لاء آفيسر هوندا هئا، انهن سڀني لاء آفيسرن کي فارغ ڪري ڇڏيو، سنڌ ۾ قابل وڪيل موجود آهن انهن کي لاء آفيسر مقرر ڪيو، لاء آفيسرن بابت هر سوال تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ پوئتي مڙي ڏسندو رهيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اشتهارن ۾ اسسٽنٽ ڪنزويٽو آفيسر لاءِ عمر جي حد 30 سال گهري وئي، 15 سال رعايت ڏئي 45 سالن جي پوڙهن کي ڀرتي ڪيو ويو، عمر جي رعايت مخصوص حالتن ۾ ملي سگهي ٿي، تعلقاتن تي نوڪريون ڏيڻيون آهن ته ادارن کي بند ڪري ڇڏيو.