ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي پوليس جاويد اوڍو چيو آهي ته سنڌ ۾ انتها پسندي وڌيڪ آهي، ماضي ۾ اسان جهادي ڪلچر کي هٿي ڏني، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ تشدد جو سهارو ورتو ويو، شدت پسندي جي خاتمي لاءِ گڏيل فيصلو ڪرڻ گهرجي، اڪيلي فيصلو نه ڪريو، ٻي صورت ۾خرابي ٿيندي، جتي خال آهن، اتي حڪومت، سوسائٽي يا شخصيتن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هٿيارن کان پاڪ سوسائٽي هوندي ته امن هوندو، ڪالهه انتها پسندي جي روڪٿام لاءِ ٿيل ورڪشاپ کي خطاب ڪندي هن چيو ته هٿيارن جو ڪلچر بڻجي ويو آهي، جيترا وڌيڪ هٿيار هوندا، ايترو سٺو سمجهيو ويندو آهي، انهي ڪلچر کي روڪڻو پوندو، سوسائٽي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻو پوندو، جيڪو وڌيڪ گارڊ کڻي هلندو آهي ان کي وڏو ماڻهو سمجهيو ويندوآهي شاگردن کي صرف پنهنجي علائقي ۾ محدود نه رکڻ گهرجي، شاگرد جڏهن هڪ علائقي مان نڪري ٻئي علائقي ۾ انٽرنشپ نه ڪن ته انهي کي ڊگري نه ڏيڻ گهرجي، جيئن ان کي خبر پوي ته ٻئي پاسي به انسان ٿا رهن، اسان جا ڪي لاڳاپا ئي ناهن، بس “فرينڊ” ان فرينڊ ڪري ڇڏيو، پنهنجي اندر موجود خرابي کي تسليم ته ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن سوسائٽي ٻارن جي تربيت پاڻ ڪندي ته اهي مستقبل ۾ ڪرمنل نه بڻندا.