سنڌ ۾ اينٽي بائيوٽڪ ريزسٽنس – هڪ طبي بحران … ڊاڪٽر ڪامران اعواڻ

                 پاڪستان ۾ اينٽي بائيوٽڪ دوائن جي غير ضروري استعمال ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو ٿيو آهي، جيڪو صحت جو هڪ وڏو بحران پيدا ڪري رهيو آهي. سنڌ ۾ به اينٽي بائيوٽڪ ريزسٽنس هڪ اهڙو بحران بڻجي چڪو آهي، جيڪو روزانو ڪيترن ئي ماڻهن جون زندگيون وٺي رهيو آهي. هي مسئلو صرف طبي ناهي، پر هڪ سماجي، معاشي ۽ اقتصادي بحران به آهي، جيڪو اسان جي صحت جي نظام جي بنيادن کي لوڏي رهيو آهي. سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪري صورتحال انتهائي خراب ٿيندي پئي وڃي، جتي هو بنا سمجهه جي ڌڪي تي مريضن کي اينٽي بائيوٽڪ جو استعمال ڪرائي رهيا آهن، جنهن سان موتن جي شرح ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. عوام کي اهڙين دوائن جي ڪا ڄاڻ ئي ناهي هوندي. ۽ اهڙي عمل کي روڪڻ لا سرڪار جو ڪو ميڪنزم به ناهي.

                 هڪ عالمي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ سال 2000 کان 2015 جي وچ واري عرصي ۾ اينٽي بائيوٽڪ دوائن جي استعمال ۾ 65 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. سال 2000 ۾ اهو استعمال 80 ڪروڙ DDD (Defined Daily Doses) هو، جيڪو وڌي 2015 ۾ 130 ڪروڙ ڊوز تائين پهچي ويو آهي. پاڪستان اينٽي بائيوٽڪ استعمال ڪندڙ ملڪن ۾ ڀارت ۽ چين کانپوءِ ٽئين نمبر تي آهي2015-2023تائين سنڌ ۾ اينٽي بائيوٽڪ استعمال ۾ 79% اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.ڪراچي ۾ روزانو 2.5 لکن کان وڌيڪ اينٽي بائيوٽڪ ڪورس وڪرو ٿيندا آهن.ڳوٺاڻن علائقن ۾ 85% مريض بنا نسخي اينٽي بائيوٽڪس استعمال ڪن ٿا.

عالمي سطح تي2019ع ۾ AMR جي ڪري 12.7 لک ماڻهو فوت ٿي ويا، جيڪي ڪينسر ۽ دل جي بيماريءَ کانپوءِ موت جو ٽيون وڏو سبب بڻيو. پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي AMR جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ ان حوالي سان ڪي به انگ اکر موجود ئي ناهن. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ اندازي موجب سال م 38 هزار ماڻهو اهڙين بيمارين جي ڪري موت جو شڪار ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن اها شرح ائين ئي برقرار رهي، تہ2050ع تائين پاڪستان ۾ AMR جي ڪري هر سال 10 لکن کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي سگهن ٿا. ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان ۾ ٻارن ۾ نمونيا جي بيمارين جي شرح به تمام گهڻي وڌيل آهي. عام انفيڪشن، دست، نمونيا ۽ پيشاب جي رستي جي انفيڪشن تي اينٽي بائيوٽڪس رد عمل ڪرڻ بند ڪري چڪا آهن. اينٽي بائيوٽڪ ريزسٽنس جي ڪري سرجري ۽ عضون جي ٽرانسپلانٽ جي عملن ۾ انفيڪشن جو خطرو ڏاڍو وڌي چڪو آهي. ڪينسر جي مريضن جي قوت مدافعت گهٽ هجڻ ڪري، انهن کي انفيڪشن جو وڌيڪ خطرو هوندو آهي.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي غير مئوثر طريقي سان اينٽي بائيوٽڪ جي استعمال سان بيماريون گهٽجڻ بجا وڌي رهيون آهن. ان صورتحال جي ڪري ملڪ ۾ ايڪس ڊي آر ٽائيفائيڊ (XDR Typhoid) ۽ مليٽي ڊرگ ريزسٽنٽ ٽي بي (MDR TB) جهڙيون خطرناڪ بيماريون پکڙجڻ لڳيون آهن، جيڪي روائتي اينٽي بائيوٽڪس سان علاج جو به جواب نٿيون ڏين .تحقيق ۽ ماهرن موجب، ان سنگين مسئلي جي پٺيان به ڪيترائي اهم سبب آهن.ڪيترائي ڊاڪٽر بيماري جي صحيح تشخيص ڪرڻ بنا، يا وري مريض جي زور ڀرڻ تي غير ضروري طور اينٽي بائيوٽڪس جا نسخا لکي ڏيندا آهن. تحقيق موجب پاڪستان ۾51 سيڪڙوکان وڌيڪ ماڻهو اينٽي بائيوٽڪ دوائون پاڻمرادو خريد ڪري استعمال ڪندا آهن. جڏهن ته عطائي ڊاڪٽر وري ان تي تيل جو ڪم ڏيندا آهن. جن کي سمجهه ۾ ناهي ايندو ته اهي ڌڪي تي اينٽي بائيوٽڪ لکي ڏيندا، مريض ٺيڪ ٿي ويو ته صحيح نه ته شهر جو چئي وڏي ڊاڪٽر ڏانهن موڪلي بار لاهي ڇڏيندا آهن. جتي اهو ڊاڪٽر وري پنهنجي طريقي سان اينٽي بائيوٽڪ استعمال ڪرائيندو، اهڙي طرح جنهن بيماري کي هڪ اينٽي بائيوٽڪ اثر ڪري ان تي ٻين جا به تجربا ڪيا وڃن ته اها اصل دوا وري اثر ئي ناهي ڪندي. ان لا ضروري هوندو آهي ته ڪلچر رپورٽ پهرين ڪرائي وڃي پر پاڪستان ۾ ان جو ڪو رواج ئي ناهي.

ملڪ ۾ اهڙين اينٽي بائيوٽڪ دوائن جي استعمال ۾ دوا ٺاهيندڙ ڪمپنين ۽ ميديڪل اسٽور وارن جي مافيا جيڪا تباهي مچائي آهي ان کي روڪڻ لا به ڪي قدم ناهن کنيا ويا. اسان وٽ دواساز ڪمپنين جا هزارين لکين ورڪر صرف پنهنجي دوائن جي وڪري لا ڪم ڪندا آهن. اهي ڪمپنيون ڊاڪٽرن کي تحفا، سفر، ڪميشن ۽ پيسا ڏينديون آهن. جيئن اهي ڊاڪٽر انهن ڪمپنين جون دوائون لکي ڏين پو ڀلي اها دوا ان مرض تي اثر ڪري ٿي يا نه ٿي ڪري پر اهي مالي فائدا حاصل ڪرڻ لا انهن ڪمپنين هٿان وڪرو ٿي ويا هوندا آهن. اهي ڪمپنيون هاڻ ته وڏن وڏن ماهر ڊاڪٽرن کي يورپي ۽ عرب ملڪن جا لگزري ٽوئر اهي به گهر وارن سميت ڪرائيندا آهن. انهن ڊاڪٽرن جي انشورنس اسڪيمن جا ساليانا لکين رپيا پريميم به اهي ڪمپنيون ادا ڪنديون آهن. پر جيڪڏهن ڪو ڊاڪٽر گهڻيون دوائون وڪرو ڪرائي ڏيندو آهي ته انهن کي ڪروڙين رپين جون گاڏيون به گفٽ ڪري ڏنيون وينديون آهن. ۽ ظاهر آهي ته پو اهو ڊاڪٽر ان ئي ڪمپني جي دوا هر پرچي تي لکي ڏيندو. ڪيترائي ڊاڪٽر نوان ميڊيڪل رسرچ ۽ گائيڊلائنن کان اپڊيٽ نه هجڻ ڪري پراڻي طريقي سان اينٽي بائيوٽڪس جي نسخا لکندا آهن.

پاڪستان ۾90% کان وڌيڪ ميڊيڪل اسٽور وارا ڊاڪٽر جي نسخي جي ضرورت بنا ئي اينٽي بائيوٽڪس وڪرو ڪندا آهن ظاهر آهي انهن کي ان دوا جي ڊوز جي ئي خبر ناهي هوندي ان ڪري مريض کي نقصان ئي ٿيندو آهي.ڪيترائي اسٽور وارا گهٽ قيمت ۽ ناقص معيار جون دوائون وڪرو ڪندا آهن، جيڪي مريض لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون.ڪيترائي مقامي دوا ساز ادارا بين الاقوامي معيار جي پابندي نه ڪرڻ ڪري ناقص معيار جون دوائن ٺاهيندا آهن، جيڪي ريزسٽنس پيدا ڪرڻ ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿين ٿيون. ڊاڪٽر70-80% غير ضروري اينٽي بائيوٽڪ نسخن ۾ ملوث، ميڊيڪل اسٽور: 90% بغير نسخي وڪري ۾ ملوث دوا ساز ڪمپنيون 60-70% غير اخلاقي مارڪيٽنگ ۾ ملوث آهن.  هر هڪ پنهنجي مفاد لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو عوام جي صحت لاءِ وڏو خطرو پيدا ڪري رهيو آهي.

ملڪ ۾ عوام جي جيئڻ لا بنيادي سهولتن جي کوٽ ورهين کان جاري آهي. هتي پيئن جو صاف پاڻي ناهي، آبپاشي نظام به گدلو آهي. نيڪاسي جو نظام ٽٽل آهي، گندگي جي ڪري سوين بيماريون روز منهن ڪڍي رهيون آهن. جئين ٿڌ، دست، الٽيون، ۽ ٻيون انفيڪشن واريون بيماريون جنهن ۾ اڄڪلهه ڊينگي جي تباهي مچي پئي آهي. اهڙين بيمارين ۾ وڏي پئماني تي اينٽي بائيوٽڪ جو استعمال عام جام ٿي رهيو آهي. جتي هڪ گوري سان مسئلو حل ٿي وڃي اتي ڊاڪٽر ڏهه ڏهه گوريون لکي ڏيندا آهن. اها اينٽي بائيوٽڪ کنگهه زڪام تي ڪو اثر ناهي ڪندي پر ماڻهو پاڻ ئي ڊاڪٽر بڻجي اهڙيون اينٽي بائيوٽڪ استعمال ڪري ڇڏيندا آهن. انهن کي صرف ۽ صرف بيڪٽيريل انفيڪشن لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي . پروفيسر ڊاڪٽر منظور احمد جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ اينٽي بائيوٽڪ ريزسٽنس جي ڪري هر سال 15,000 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن ائين ئي جاري رهيو تہ 2030 تائين هي تعداد 40,000 ساليانو تائين پهچي ويندو.ماهرن جو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن هاڻي ئي سخت ۽ جامع قدم کنيا ويا تہ سنڌ ۾ اينٽي بائيوٽڪ ريزسٽنس جي شرح ۾ 5 سالن ۾ 40% گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان ۾ اينٽي بائيوٽڪ (Antibiotics) جو غير ضروري، غلط استعمال صحت لاءِ هڪ وڏو قومي خطرو بڻجي چڪو آهي.

پاڪستان ۾ اينٽي بائيوٽڪس جو غير ضروري استعمال هڪ جامع مسئلو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر، مريض، عطائي ۽ ميڊيڪل اسٽور وارا شامل آهن. ان کي روڪڻ لاء سخت قانون،  جاڳرتا مهم هلائڻ انتهائي ضروري آهي. جيڪڏهن هاڻ کان ئي احتياطي قدم نه کنيا ويا،ته اينٽي بائيوٽڪ ريزسٽنس (Antibiotic Resistance) هڪ ايڏو وڏو بحران بڻجي سگهي ٿو، جنهن ۾ عام بيماريون به ناقابل علاج ٿي سگهن ٿيون. هڪ اندازي موجب، 2050ع تائين AMR جي ڪري پاڪستان جي معيشت کي 100 کان 200 ارب ڊالر جو نقصان ٿي سگهي ٿو .ماهر ان صورتحال کي “خاموش ميڊيڪل ايمرجنسي” قرار ڏنو آهي، ڇوته عوام ۾ ان بابت اڃا به ڄاڻ جي گهٽتائي آهي. عالمي ادارو WHO چوي ٿو تہ جيڪڏهن هاڻي ئي سخت قدم نه کڻيا ويا،ته اسان “پوسٽ-اينٽي بائيوٽڪ دؤر” ۾ داخل ٿيڻ وارا آهيون، جتي عام انفيڪشن ۽ ننڍيون سرجريون به مريض جي زندگي لاءِ خطرو بڻجي سگهن.پاڪستان ۾ نئشنل ائڪشن پلان فار AMR لاڳو ڪيو ويو آهي، اينٽي بائيوٽڪ دوائن جي بنا نسخي وڪري تي پابندي لڳائڻ جي ڪوششون ٿي رهيون آهن. پر اهو ميڪنزم اڃان ڪمزور آهي.حڪومت سنڌ ڊرگ ائڪٽ 2019 تحت اينٽي بائيوٽڪس جي وڪري تي پابندي وارو قانون لاڳو ڪيو آهي، پر ان تي عمل ناهي ڪيو ويو