سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي جا وڌندڙ ڪيس، سبب ۽ گهربل اپاءَ

                 پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي جي تيزيءَ سان وڌندڙ لهر خاص طور تي سنڌ کي هڪ خطرناڪ انساني بحران ڏانهن ڌڪي رهي آهي، جتي ٻارن سميت نون ڪيسن جو انگ هر مهيني وڌي رهيو آهي. 2024 ۾ رڳو سنڌ ۾ هزارين ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته ميرپورخاص ٻارن جي ايڇ آءِ وي ڪيسن جو نئون مرڪز بڻجي چڪو آهي. غير محفوظ طبي عمل، عطائي ڊاڪٽر، ۽ اسڪريننگ سسٽم جون ڪمزوريون هن وبا کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهيا آهن، جنهن سبب صحت جا ادارا ۽ ماهر ڳڻتي ۾ مبتلا آهن.

                 سنڌ ۾ وڌندڙ ڪيسن جو رجحان صحت جي ماهرن لاءِ وڏي پريشاني جو سبب بڻيل آهي. گذريل سال 2024 ۾ ان حوالي سان هڪ سروي ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻہ لک، ڏھ ھزار  کان وڌيڪ ماڻهو ايڇ آءِ وي سان گڏ رهي رهيا آهن. (ڪجهه رپورٽن ۾ هي انگ ٻه لک، چاليھ ھزار تائين به ٻڌايو ويو آهي). سال 2016 کان 2022 تائين ستن سالن ۾ پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ايڇ آءِ وي مريضن جي تعداد ۾ تقريبن 70 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي (2016 ۾ 17,000 کان 2022 ۾ 59,000 تائين) 2024 جي پهرين 9 مهينن ۾، سڄي ملڪ ۾ 9,713 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جيڪو پوئين سال جي مقابلي ۾ وڌيڪ خطرناڪ اضافو ڏيکاري ٿو. (ڪجهه رپورٽن ۾ هي انگ 10,000 جي ويجهو ٻڌايو ويو آهي) ايڇ آء وي ۾ جيتوڻيڪ پنجاب سميت ٻيا صوبا به متاثر آهن پر پنجاب ۽ سنڌ ۾ اهڙن مريضن جو انگ ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي. جيڪي گڏيل طور تي مريضن جي ڪُل اندازي مطابق تعداد جو 91 سيڪڙو آهن.

سنڌ ايڇ آءِ وي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ صوبن ۾ ٻئي نمبر تي آهي، ۽ اتي پکيڙ جي شرح “انتها کان وڌيڪ خطرناڪ” سطح تي پهچي وئي آهي. رجسٽرڊ ٻارن جو تعداد (2025) صوبي ۾ 3,995 ايڇ آءِ وي پازيٽو ٻار آهن. 2024 ۾ سنڌ ۾ 568 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تشخيص ٿي. يعني، صوبي ۾ سراسري طور تي هر مهيني 48 ٻار ايڇ آءِ وي مثبت تشخيص ٿي رهيا آهن. ميرپورخاص ضلعو ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسن جو هڪ نئون مرڪز (هاٽ اسپاٽ) بڻجي ويو آهي، جتي 2024 ۾ 150 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جيڪي سڄي سنڌ جي ٻارن جي ڪيسن جو 26 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن. سنڌ ۾ گذريل سال 3,446 نوان ايڇ آءِ وي ڪيس رپورٽ ٿيا. 2016 کان 2022 تائين سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي جي مريضن جي مجموعي تعداد ۾ 69 سيڪڙو واڌ ڏٺي وئي.

صحت اختيارين ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس وڌي رهيا آهن، جنهن جا ڪيترائي سبب به آهن، انهن ۾ غير معياري ۽ ٻيهر استعمال ٿيندڙ سرنجون/سوئيون (Syringes) اڻ-رجسٽرڊ بلڊ بينڪ ۽ غير محفوظ رت جي منتقلي (Blood Transfusions)، غير محفوظ طبي عمل (Unsafe medical practices) جيئن ته بنا اسٽرالائيزڊ ڊينٽل پروسيجر ۽ اوزارن جو استعمال. جعلي ۽ غير منظور ٿيل ڪلينڪ به شامل آهن. سنڌ ۾ 6 لک کان وڌيڪ جعلي ڊاڪٽر (عطائي ڊاڪٽر) (Quack Doctors) سرگرم آهن، جن مان 40 سيڪڙو صرف ڪراچي ۾ آهن، جيڪي غير محفوظ طريقي ذريعي بيماري پکيڙين ٿا. ان مرض کي روڪڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪنهن قسم جي آگاهي مهم ئي نه پئي هلائي وڃي. بااعتماد ۽ عالمي صحت اداري (WHO) کان منظور ٿيل اسڪريننگ ڪٽس جي محدود دستيابي آهي، جنهن سبب خاص طور تي ننڍين سهولتن تي ڪيس رھجي وڃڻ جو انديشو آهي. ماءُ کان ٻار تائين اها بيماري به ڦهلجي رهي آهي، پر ان کي روڪڻ لاءِ ڪي خاص قدم به ناهن کنيا ويا. سنڌ حڪومت ڳورهارين عورتن لاءِ لازمي اسڪريننگ جو حڪم ڏنو آهي، جئين ماءُ کان ٻار ۾ اهو وائرس منتقل نه ٿي سگهي.

آغا خان يونيورسٽي اسپتال (AKUH)، انڊس اسپتال اينڊ هيلٿ نيٽورڪ (IHHN)، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيونٽولاجي (SICHN)، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (NICH)، سنڌ انفيڪشنس ڊزيزز اسپتال اينڊ ريسرچ سينٽر (SIDHRC) رپورٽ ڪيو آهي ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (KMC) جي انتظام هيٺ هلندڙ ڪيترين ئي ليبر ڪالونين ۽ ٻين علائقن ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي انفيڪشنن جي تعداد ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. اي ڪي يو ايچ (AKUH) جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هنن گذريل هفتي اڪيلي سر چئن نون ٻارن جا ايڇ آءِ وي ڪيس ڏٺا آهن. هنن چيو ته جنوري کان آڪٽوبر طتائين 29 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا آهن. مهيني جي حساب سان آڪٽوبر ۾ پنج ڪيس، سيپٽمبر ۾ اٺ، آگسٽ ۾ چار، جولاءِ ۾ ٻه، جون ۾ ٽي، مئي ۾ ٽي، ۽ باقي مهينن ۾ هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي. اي ڪي يو ايچ (AKUH) جي انفيڪشنس ڊزيزز جي ماهر ڊاڪٽر فاطمه مير جو چوڻ آهي ته نومبر ۽ ڊسمبر ۾ ايڇ آءِ وي جي تشخيص ۾ واڌ جو تعلق نمونيا جي موسم سان ٿي سگهي ٿو. نمونيا ۽ غذائي کوٽ (severe acute malnutrition) سان اسپتالن ۾ ايندڙ ڪيترن ئي ٻارن جي اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي، ۽ انهن مان ڪجهه ايڇ آءِ وي مثبت ملي رهيا آهن. ”جيڪي چار ٻار گذريل هفتي آيا، تن مان ٽي اڳ ۾ ئي ڄاڻايل ڪيس هئا، جڏهن ته هڪ جي تشخيص هتي ٿي. انهن سڀني کي سخت نمونيا هئي ۽ سخت غذائي کوٽ جو شڪار هئا.“ ڊاڪٽر فاطمه چيو ته ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪيترين ئي سهولتن تي ماهر ساڳيو رجحان ڏسي رهيا آهن ۽ ان صورتحال جي رپورٽ صوبائي صحت اختيارين کي ڏئي رهيا آهن. ايس آءِ سي ايڇ اين (SICHN) جي عملدارن صوبي جي سمورين سهولتن تي ايڇ آءِ وي مثبت ٻارن ۾ واڌ جي تصديق ڪئي. هنن چيو ته هنن هاڻي هر ان ٻار جي اسڪريننگ شروع ڪري ڏني آهي، جيڪو انهن وٽ اچي رهيو آهي. مريضن کي اي آر ٽي (antiretroviral therapy)  مرڪزن ڏانهن موڪلي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اينٽي ريٽرو وائرل دوائون رڳو اتي ئي موجود آهن.

ايس آءِ سي ايڇ اين (SICHN) جي تازي اسڪريننگ ڊيٽا پڻ هڪ پريشان ڪندڙ رجحان ظاهر ڪري ٿي، جنهن ۾ گذريل هفتن ۾ ڪيترن ئي ضلعن ۾ 476 ٻارن جي اسڪريننگ ڪئي وئي، جن مان 12 ٻار ايڇ آءِ وي مثبت مليا آهن. ڊيٽا موجب ڪراچي ۾ ڪي-5 ڪئمپ مان ٽي مثبت ڪيس، شهيد بينظيرآباد مان پنج، سوڀراج مان هڪ ۽ سکر مان ٽي، جڏهن ته اعظم بستي، ڄامشوري ۽ لاڙڪاڻي ۾ اسڪريننگ ۾ ڪوبه مثبت ڪيس رپورٽ نه ٿيو آهي. عملدارن چيو ته انگ اکر رڳو انهن ٻارن جي عڪاسي ڪن ٿا، جن جي نشاندهي ڪيل سرگرمين دوران اسڪريننگ ڪئي وئي. هنن خبردار ڪندي چيو ته قابل اعتماد ٽيسٽنگ ڪٽس جي محدود دستيابي سبب اصل تعداد وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. اين آءِ سي ايڇ (NICH) جي ڊاڪٽرن پڻ هفتيوار ۽ ماهوار نون ڪيسن جي تصديق ڪئي پر چيائون ته کين سرڪاري انگ اکر ميڊيا سان شيئر ڪرڻ جي اجازت ناهي.

لانڍي ۾ سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوٽ اسپتال (Sindh Employees Social Security Institution Hospital) جي ٻارن جي ڊاڪٽرن گذريل هفتي ٽن ايڇ آءِ وي مثبت ٻارن جي تصديق ڪئي. هنن چيو ته هاڻي اهي هر ان ٻار کي اسڪريننگ لاءِ موڪلي رهيا آهن، جنهن ۾ ايڇ آءِ وي جون عام علامتون نظر اچن ٿيون. ڊاڪٽرن انهن علامتن کي بار بار سيني جي انفيڪشن، سخت نمونيا جيڪو عام علاج سان بهتر نه ٿئي، مسلسل بخار، دست، وزن نه وڌڻ، سخت غذائي کوٽ، وات جا ڦٽ، ۽ گهٽ قوت مدافعت، جنهن سبب بار بار اسپتال اچڻو پوي ٿو، بيان ڪيو. هنن چيو ته اهي نشانيون وڌيڪ عام ٿي رهيون آهن، ۽ انهن کي ڏسي فوري طور تي ايڇ آءِ وي جي اسڪريننگ ڪرائڻ گهرجي. ايس آءِ ڊي ايڇ آر سي (SIDHRC)، آءِ ايڇ ايڇ اين (IHHN) ۽ عباسي شهيد اسپتال جي ڪلينشينز چيو ته هو به هر هفتي ٽي کان چار ايڇ آءِ وي مثبت ٻار ڏسي رهيا آهن. هنن چيو ته سڀني نون ڪيسن جي رپورٽ سنڌ حڪومت جي سي ڊي سي ڊائريڪٽوريٽ کي ڪئي پئي وڃي، جنهن کي اڳ ۾ سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي نالي سان سڃاتو ويندو هو.

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) پاران منظور ٿيل اسڪريننگ ڪٽس جي به کوٽ پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. ڊبليو ايڇ او (WHO) ۽ آمريڪي سي ڊي سي (US CDC) جي بين الاقوامي ماهرن، جن 2019 ۾ رتوديرو ۾ وبا جي جاچ ڪئي هئي، ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي پکيڙ کي غير محفوظ انجيڪشن جي عملن، سرنجن جي ٻيهر استعمال ۽ اڻ اسڪرين ٿيل رت جي منتقلي سان ڳنڍيو هو. صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي جي علاج لاءِ 50 کان وڌيڪ مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن. جتي مفت دوائون ۽ ڪائونسلنگ فراهم ڪئي وڃي ٿي. سنڌ حڪومت غير قانوني طبي سهولتون فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ غير محفوظ طبي عملن خلاف سخت ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون آهن. پر هي انگ اکر ۽ تفصيل واضح طور تي ظاهر ڪن ٿا ته هن وقت پاڪستان، خاص ڪري سنڌ ۾، ايڇ آءِ وي جي حوالي سان صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي.

[email protected]