سنڌ ۾ ايڪتا جا رنگ نکري ويا، بدين ۾ عورتن پاران پٽڪا ٻڌي ايڪتا ريلي، سنڌي گيتن جي گونجار، ثقافت سان محبت جو اظهار
ڊسمبر 1, 2023
حيدرآباد ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي مناسبت سان دعا ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٽڪ ٽاڪرز پاران ريلي
حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي مناسبت سان دعا ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٽڪ ٽاڪرز پاران ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ناريون ۽ نوجوان ثقافتي ويس پهري شريڪ ٿيا
ريلي قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ کان نڪري واڌو واهه روڊ تي پهتي ته نوجوان ۽ نارين قومي گيتن تي جهمريون هنيون جڏهن ته ريلي واڌو واهه روڊ کان پونم چوڪ ۽ شهباز چوڪ کان ٿڌي سڙڪ وارو روڊ وٺي گل سينٽر ۽ ايس ايس پي چوڪ کان ٿي پريس ڪلب پهتي جتي نوجوان ۽ نارين ثقافتي لباس ٽوپين، پٽڪن ۽ اجرڪن جو نماءُ ڪيو جڏهن ته ريلي ۾ ڪار سوار پٽڪا پهري پهتل نوجوان ٽڪ ٽاڪرز شهرين جي نگاهن جو مرڪز بڻيل رهيا
ريلي کي خطاب ڪندي ناليواري گلوڪاره ۽ ٽڪ ٽاڪر دعا ميمڻ چيو ته 3 ڊسمبر تي هو ايڪتا ڏهاڙو ”ٽائيم نيوز“ ۽ ”پنهنجي اخبار“ جي ”اچو ته نئين سنڌ اڏيون“ جي سري هيٺ ملهائيندا
هن چيو ته ريلي جو مقصد قومي عيد جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ لاءِ آگاهي مهم آهي ۽ هو سنڌ واسين کي اپيل ٿا ڪن ته ايڪتا جي ڏينهن نئين سنڌ اڏڻ لاءِ جهر جهنگ ۾ ريليون ڪڍي عوام ۾ شعور اجاگر ڪن جڏهن ته سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي هزارين سال پراڻي ثقافت کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ ثقافتي لباس پهري هر سال جيان هن ڀيري ريليون ڪڍي ميڙاڪا منقعد ڪن
ڪنڌڪوٽ ۾ ايڪتا: گرلز اسڪول ۾ رنگا رنگ تقريب
ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ گرلز اسڪول ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي اچو ته نئين سنڌ اڏيون سري هيٺ رنگا رنگ تقريب ٿي، جنهن ۾ اسڪولي ٻارڙن خوبصورت لباس اجرڪ ٽوپيون پائي سنڌ ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ٻارڙن سنڌي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا، ان موقعي تي عبيدالله گولو ۽ ٻين چيو ته 3 ڊسمبر تي ايڪتا ڀرپور نموني ملهائينداسين.
نوشهروفيروز ۾ ثقافتي رنگن جي بهار، سنڌي گيتن جي گونجار، مختلف ماڊلز جي نمائش
نوشهروفيروز (رپورٽر) روزاني پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي نوشهروفيروز ۾ ايڪتا جا رنگ نکرڻ شروع ٿي ويا آھن، گورنمينٽ ھاءِ اسڪول 2 ۾ “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” سري ھيٺ رنگا رنگ ايڪتا ڏھاڙو ملھايو ويو، اسڪول جي شاگردن سائنسي ماڊل ٺاھي نمائش لاءِ پيش ڪيا، جنھن ۾ نوان سائنسي تجربا پڻ شامل ھئا. اسڪول جي شاگردن ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ مزاحيه خاڪا پيش ڪري شريڪ استادن ۽ شاگردن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو. شاگردن ۾ ڪرپشن بابت تقريري مقابلو به ٿيو، ٽيبلوز ۾ بھترين صلاحيتن جو مظاھرو ڪرڻ تي پريس ڪلب نوشهروفيروز جي اڳوڻي صدر محمد عثمان خانزادي پاران شاگردن کي پنج ھزار نقد انعام ڏنو ويو. ان موقعي تي استادن ڪريم بخش سيال، محمد رمضان مڱڻيجو، ارباب ملاح، امجد ميمڻ ۽ ٻين چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جو نعرو اچو ته نئين سنڌ اڏيون تمام بھترين نعرو آھي جنھن کي سنڌ جا شاگرد عمل ڪندا ۽ ڪرپشن کان پاڪ ھڪ نئين سنڌ اڏيندا.
نوابشاهه ورسٽي ۾ ثقافتي تقريب دوران جھيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي، 10 شاگردن جي داخلا ڪينسل
نوابشاھ (بيورو رپورٽ) نوابشاهه شھيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي ۾ انتظاميا پاران منعقد ثقافتي تقريب دوران ٻن سياسي گروپن جي شاگرد تنظيمن وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، شاگرد هٿيار کڻي ورسٽي پهچي ويا، فائرنگ سبب ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته جھيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب شاگرد شعيب زرداري ۽ نصرالله لنڊ زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جھيڙي دوران ٻين شاگردن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، شاگردياڻيون دانھون ڪنديون رهيون، جڏهن ته فائرنگ سبب يونيورسٽي بند ٿي وئي، ٻي طرف يونيورسٽي انتظاميه موجب ته ڪجھه شاگرد يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪري رھيا آھن،هوڏانهن اسٽوڊنس ويلفيئر آفيسر عبدالجبار بروهي جي فرياد تي 10 شاگردن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو ته ھڪ ڌر جي شيراز رند، ماجد ملوڪاڻي، شوڪت علي، مشتاق رند، جبار رند، عمران رند، شاھنواز چانڊيو، خان محمد چانڊيو، احسان ملاح، سرفراز رند پاران ورسٽي ۾ ٻي ڌر جي شاگردن شعيب زرداري ۽ نصرالله رند تي پسٽل جي بٽ سان زخمي ڪيو، ڪلاشنڪوف ۽ پسٽل سان ھوائي فائر ڪيا، ٻئي پاسي يونيورسٽي انتظاميه جو چوڻ آھي ته ڪنھن کي به يونيورسٽي جي پرامن ماحول کي خراب ڪرڻ نه ڏينداسين، جڏھن ته واقعي ۾ ملوث يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي داخلائن کي ڪينسل ڪيو ويو آھي.
ڪوهستان ثقافتي رنگن سان جرڪي اٿيو، ڀلوڙ گهوڙن جي ڊوڙ
ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ڪوھستان واسين “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” عنوان کي جيءَ ۾ جايون ڏيئي ڇڏيون، ڪوھستان ثقافتي رنگن سان رڱجي ويو، ان ڏس ۾ ڪوھستان جي قديمي شھر ٿاڻو احمد خان ۾ سردار زاده ملڪ سڪندر خان، ملڪ شير دل خان، ملڪ پھاڙ خان جي ڀلن گھوڙن وچ ۾ ڊوڙ ڪرائي ويئي، جنھن ۾ سردار زاده ملڪ سڪندر خان جي گھوڙن حمليڪ، کير ٿر، ملڪ شير دل خان راجا جي گھوڙي ڪنگ ملڪ، پھاڙ خان جي گھوڙي مارخور حصو ورتو، ڀلن گھوڙن کي سھڻي نموني سينگاري ڊوڙ ۾ شامل ڪري سنڌ جي شاھوڪار ثقافت کي نروار ڪيو ويو، گھوڙن جي ڊوڙ ۾ ملڪ شير دل خان راجا ملڪ پھاڙ خان سميت وڏي انگ ۾ علائقي واسين شوقينن شرڪت ڪئي، ان دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي ملڪ شير دل خان، راجا ملڪ پھاڙ خان ۽ ٻين چيو ته علي قاضي جس لھي، جنھن سنڌ جي شاھوڪار ثقافت کي نروار ڪيو آھي، 3 ڊسمبر تي ثقافتي ڏڻ ڀرپور نموني ملھايو ويندو.
دولتپورصفن ۾ ايڪتا تقريب، شاديءَ جي رسم ادا
دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپور صفن جي گرامر هاءِ اسڪول ۾ ايڪتا تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاگردن ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪري زبردست داد حاصل ڪيو، تقريب ۾ گھوٽ ۽ ڪنوار جي شادي جي رسم پڻ ادا ڪئي وئي، ان موقعي تي محمد سليم سولنگي، ولي محمد جوکيو ، محمد عرس لاکو ، استاد نياز حسين انڙ ۽ ٻين چيو ته ايڪتا ڏهاڙوهر سال عيد وانگر ملهائيندا آهيون، ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پنهنجن شاگردن ۽ نئين نسل کي پنهنجي ثقافت بابت آگاهه ڪرڻ آهي.
“اچو ته نئين سنڌ اڏيون” مٺي ۾ ثقافتي تقريبون منعقد
مٺي( رپورٽر ) مٺي جي مختلف خانگي اسڪولن ۾ اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ 3 ڊسمبر تي اعلانيل ايڪتا ڏينهن جي تيارين جي سلسلي ۾ رنگا رنگي تقريبون ڪوٺائي ٽيبلوز۔ قومي۽ ثقافتي گيتن تي رقص جا رنگ رچايا ويا ۽ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي ايڪتا جي ڏينهن کي قومي عيد طور وڏي ڌام ڌوم سان ملهائڻ جا وچن ورجايا ويا۔ ان ڏس ۾ مٺي جي دي پروگريس پبلڪ هاءِ اسڪول ۽ سائوٿ سٽي اسڪول ۾ سوين شاگردن پاران ڪوٺايل ايڪتا تقريبن ۾ ثقافتي رنگ نکري پيا ۽ شاگردن نج ٿري هٿرادو هنر ۽ سنڌي ثقافتي لباس وارا ڪپڙا ، ٽوپيون۔ پٽڪا ۽ اجرڪون پائي تقريبن کي انڊلٺي رنگن سان نروار ڪري ڇڏيو ۔ دي پروگريس پبلڪ هاء اسڪول جي پرنسپال سگهرام درپن ۽ صدام درس ۽ سائوٿ سٽي جي پرنسپال علي مراد درس ۽ ٻين جي ميزباني ۾ اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ڪوٺايل ايڪتا تقريبن ۾ سوين شاگردن ثقافتي ۽ قومي گيتن تي بهترين انداز ۾ ٽيبلوز پيش ڪري ايڪتا جي رنگن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو۔ جڏهن ته شاگردن قومي گيت ڳائڻ سان گڏ تقريري مقابلا ڪري ايڪتا جي قومي عيد کي 3ڊسمبر تي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز گڏ ڀرپور ۽ شاندار نموني ملهائڻ جو وچن ورجايو۔ شاگردن جي قومي گيتن تي رقص ۽ ٽيبلوز دوران شريڪ ٿرواسي وڏو داد ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا جڏهن ته مقامي فنڪارن پڻ ثقافتي گيت ڳائي ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان ڀرپور ڀيٽائون پيش ڪيون۔ هوڏانهن اسڪولن جا سموراشاگرد ثقافتي لباس پائي آيل هجڻ ڪري ايڪتا پروگرامن جا خوبصورت رنگ عوام جي توجه ۽ ڌيان جو محور بڻيل هئا۔اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن ڳالهائيندي چيو ته ايڪتا ڏينهن جي شروعات سنڌ جي نامور صحافي علي قاضي صاحب ڪئي جيڪو ڏينهن هاڻي سڄي دنيا ادر قومي عيد جي ڏينهن ۾ تبديل ٿي ويو آھي ۽ سنڌي ماڻھو ايڪتا ڏينهن کي قومي جشن ۽ قومي عيد جو نالو ڏيئي سڄي دنيا ۾ ملهائي رهيا آھن هنن چيو ته ايڪتا ڏينهن تي ثقافتي پروگرام ڪرڻ تي فخر محسوس ڪريون ٿا ۽ علي قاضي جا ٿورائتا آھيون جنهن ايڪتا ڏينهن ملهائڻ جو آئيڊيا ڏيئي سنڌي قوم کي متحد ۽ سجاڳ ڪيو ۽ کين ايڪتا جي مالها ۾ پوئي سڄي دنيا اندر رهندڙ سنڌين کي هڪ زنجير بڻائي ڇڏيو۔ هنن چيو ته اسان 3 ڊسمبر تي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ايڪتا ڏينهن ملهائڻ لاء وڏي پئماني تي تياريون ڪري رهيا آھيون ۽ ايڪتا ڏينهن ثقافتي رنگن جوگلدستو بڻائي ڇڏينداسين
پڊعيدن ۾ به ايڪتا تقريب، اسڪول ۾ ثقافتي رنگن جي بهار
پڊعيدن (ن پ ا)ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي پاران ايڪتا ڏھاڙو اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري ھيٺ پڊعيدن ۾ ثقافت جا رنگ نروار ٿي ويا. پڊعيدن ۾ ايڪتا ڏينهن جي آجيان ۾ تقريبون ۽ تياريون عروج تي پھتل آھن انھي سلسلي ۾ ڪلهوڙا اسٽيشن جي دي شھزاد اسڪولنگ سسٽم ۾ به ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ شاگردن ٽيبلوز ۽ اسپيچز ڪري سنڌ جي هزارين سال پراڻي ثقافت کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي شھزاد راڄپر، موسيٰ راڄپر ۽ شاگردن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته 3 ڊسمبر تي ايڪتا ڏھاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان گڏ اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري ھيٺ شاندار نموني سان ملھائڻ جو وچن ڪيون ٿا ان موقعي تي شاگرن قومي گيتن تي رقص ڪيو ۽ ھزارين سال پراڻي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي.
سکر ۾ ثقافتي رنگن جي بهار، تقريب، قومي گيتن تي جھمريون
سکر (بيورو رپورٽ) گورنمينٽ گرلز ڪاليج سکر ۾“اچو ته نئين سنڌ آڏيون” جي عنوان هيٺ رنگا رنگ تقريب ڪوٺائي ڪئي وئي، شاگردياڻين سنڌي لوڪ ۽ قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري پنڊال ۾ ويٺل شاگردياڻين کي جهومڻ، داد ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ثقافتي رنگن جي بهار دوران ڪاليج جي شاگردياڻين لوڪ داستان مارئي بهترين انداز سان پيش ڪري سنڌ جي اڻ مٽ شاندار تاريخ کي ڀيٽا پيش ڪئي. ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر شميم ممتاز چيو ته سنڌ جي تاريخ قديم ۽ شاندار آهي، هر سال جيان هن سال به ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويندو.
ڪٽر مخالفن علي گوهر مهر ۽ خالد لنڊ ۾ ملاقات، چونڊون گڏ وڙهڻ تي اتفاق
جروار (ن پ ا) تازو پ پ ۾ شامل ٿيندڙ اڳوڻي ايم پي اي علي گوھر مھر جي اڌ صدي تائين سياسي حريف رھندڙ اڳوڻي پ پ اين اي اي خالد احمد لنڊ سان خالد آباد ۾ ملاقات، ايندڙ جنرل اليڪشن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي،ان ڏس ۾ ذريعن موجب ته ملاقات ۾ ٻنهي پ پ اڳواڻن اليڪشن ۾ روايتي مخالفت کي ڇڏي ھڪ ٻئي سان ھم صلاح بڻجي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ تي اتفاق ڪيو آھي، جڏھن ته ھن ملاقات کي سوشل ميڊيا جا صارفين ميرپور ماٿيلو ڏھرڪي واري صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس ۱۸ جي ممڪنه پ پ اميدوار باري پتافي لاءِ خطري جي گھنٽي قرار ڏئي رھيا آھن. ترجمان خالد آباد موجب ته علي گوھر مھر خالد احمد لنڊ جي مانجھاندي جي دعوت تي خالد آباد آيو ھو ،جتي مقامي سياست تي ڳالھيون ڪيون ويون ۽ پ پ پارٽي کي ضلعي اندر وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو
لاڙڪاڻو گرلز ڊگري ڪاليج ۾ ايڪتا تقريب: شاگردياڻين پاران ڊرامو ۽ ٽيبلوز پيش، جهمريون
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي تعليمي اداري بيگم نصرت ڀٽو گرلس ڊگري ڪاليج طرفان رنگ برنگي ايڪتا تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن کي ڪاليج انتظاميا طرفان سنڌي ٻوليءَ جي وڏي شاعر شيخ اياز جي نالي سان منصوب ڪيو ويو، ايڪتا تقريب ۾ ڪاليج جي شاگردياڻين ۽ ٽيچرز ڀرت ۽ گج ڀريل توڙي اجرڪ سان مختلف رنگن جي سنڌي ويس وڳا پهري شرڪت ڪئي
ڪاليج جي شاگردياڻين تقريرون ڪيون ۽ شيخ اياز جا گيت ڳايا ۽ ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو، تقريب ۾ شاگردياڻين شيخ اياز جي لکيل دودي سومري جو موت اوپيرا ڊرامي ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري خوب داد وصول ڪيو، ٻئي طرف شاگردياڻين طرفان کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال پڻ قائم ڪيا ويا هئا
جتي شاگردياڻين برياني، ميڪروني، چاٽ ڇولا، حليم، چانهه ۽ ٻيون شيون خريد ڪري لطف ماڻيو، تقريب ۾ خاص مهمان طور ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو پروفيسر عبدالوحيد ابڙو، گورنمينٽ بيگم نصرت ڀٽو گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي پرنسپال پروفيسر ثمينا ابڙو، پروفيسر احمد بخش ڀٽو، پروفيسر صدوران سولنگي، پروفيسر نفيس انصاري، پروفيسر الطاف حسين ابڙو، پروفيسر شمس الدين ساريو، پروفيسر عتيق الرحمان سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي
ان موقعي تي پروفيسر عبدالوحيد ابڙو خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ٻولي ۽ اسان جي ثقافت ۾ جيڪا جماليات ۽ حسن آهي، اهو دنيا جي 200 ملڪن ۾ ڪٿي به نٿو ملي، اسان کي پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت تي ناز آهي، اسان پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جا وارث آهيون، ايڪتا ڏينهن ملهائڻ جو مقصد آهي ته اسان پنهنجي ثقافتي ورثو بچائي پنهنجي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪيون، هر سال جيان هن ڀيري به 3 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملائينداسين
ڪوٽڙي ۾ ايڪتا ڏهاڙي مناسبت سان تياريون تيز، مچ ڪچهري منعقد
ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي ۾ ثقافتي رنگ وکيرڻ جو سلسلو وڌيڪ تيز ٿي ويو، 3 ڊسمبر تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي ملهائجندڙ قومي ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان ڪوٽڙي جي هيسباڻي چوڪ تي سماجي اڳواڻ فقير غلام حسين هيسباڻي، صحافي سليم کوسو ۽ هيسباڻي برادري پاران رنگا رنگ ايڪتا مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي، مچ ڪچهري ۾ ڪوٽڙي جي ناليوارن سگهڙن کان علاوه ننڍڙي سگهڙ محرالنساء منگلو به ڏور بيت ٻڌايا، مچ ڪچهري ۾ سنڌ جي ناليوارن راڳين قومي ۽ لوڪ گيت ٻڌائي محفل کي جهومايو، مچ ڪچهري ۾ ميزبانن پاران ٽائيم نيوز جي رپورٽر ۽ ٻين صحافين توڙي سياسي سماجي اڳواڻن وڏيري وڏل خان کوسي، چاڪر خان شوري، اسماعيل باريجي ۽ ٻين کي سنڌي ثقافت جي سوکڙين طور لونگيون، اجرڪون ۽ سنڌي ٽوپيون پارائي سندن شاندار آڌر ڀاء ڪيو، مچ ڪچهري ۾ شريڪ ميزبانن ۽ مهمان ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هونئن ته سموري سنڌ ثقافتي رنگن ۾ جرڪي رهي آهي پر ڪوٽڙي جي وري ڳالھ ئي اور آهي، هنن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته 3 ڊسمبر تي المدينا چوڪ ڪوٽڙي تي ٽائيم نيوز پاران لڳندڙ ثقافتي ميلي واري ايڪتا ڏهاڙي تي هزارن جي تعداد ۾ سنڌي ويس وڳا پائي پهچي سموري سنڌ جي عوام کي اپيل ڪنداسين ته اچو ته نئين سنڌ اڏيون.
بدين ۾ عورتن پاران پٽڪا ٻڌي ايڪتا ريلي، سنڌي گيتن جي گونجار، ثقافت سان محبت جو اظهار
بدين(رپورٽر) ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران ايڪتا ڏھاڙو “آچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي سري ھيٺ اعلانيل ايڪتا ڏينھن جي حوالي سان بدين ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويو
سورمي سٿ پاران سورمي عابده جي ڳواڻي ۾ سوين عورتن جي ايڪتا ريلي ڪڊي وئي ريلي ۾ سوين عورتن ٻارڙن ثقافتي ويس پھري نوجوانن ثقافتي پٽڪا ٻڌي پنھنجي ثقافت سان پيار جو اظھار ڪيو عورتن جي ايڪتا ريلي ڊي سي او چوڪ باء پاس آلله والا چوڪ قائداعظم روڊ مھراڻ چوڪ اسٽيشن روڊ شاھ لطيف روڊ قاضيه واھ پل کان ٿيندي ايوان صحافت بدين پھتي جتي عورتن ۽نوجوانن قومي گيتن تي جھومريون ھڻي خوشي جو اظھار ڪيو
انھي موقعي تي سورمي ڊولپمنٽ جي اڳواڻ ميڊم عابده سمون ۽ ٻين پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اسان 3 ڊسمبر تي محترم علي قاضي طرفان اعلانيل ايڪتا ڏھاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان گڏ آچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري ھيٺ نڪرندڙ ايڪتا ريلي ۾ سوين عورتون شريڪ ٿي شاندار نموني سان ملھائينداسين،ٻئي پاسي بدين جي اسلاميه ڊگري ڪاليج ۾ پڻ پرنسپل اصغر علي ميمڻ طرفان رکيل ثقافتي پروگرام ۾ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ثقافتي لباس اڃا بوسڪي وارا پٽڪا ٻڌي اجرڪ ڪلهن ۾ ويڙهي سنڌي ٽوپيون پائي قومي ثقافتي گيتن تي زبردست انداز ۾ رقص ڪري ڪاليج جي سمورن شاگردن ۽ استادن کي داد ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ثقافتي پروگرام ۾ ٽيبلوز تقريرن جو سلسلو پڻ رکيو ويو
ٻئي طرف بدين جي اسلاميه ڊگري ڪاليج ۾ پڻ پرنسپل اصغر علي ميمڻ طرفان رکيل ثقافتي پروگرام ۾ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ثقافتي لباس اڃا بوسڪي وارا پٽڪا ٻڌي اجرڪ ڪلهن ۾ ويڙهي سنڌي ٽوپيون پائي قومي ثقافتي گيتن تي زبردست انداز ۾ رقص ڪري ڪاليج جي سمورن شاگردن ۽ استادن کي داد ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ثقافتي پروگرام ۾ ٽيبلوز تقريرن جو سلسلو پڻ رکيو ويو جنھن ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي ثقافت تي شاگردن تقريرون ڪيون ۽ 3ڊسمبر ايڪتاڏهاڙي تي سنڌ سان وچن ورجائيندي پنهنجي قومي ثقافتي ڏينهن ۾ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪئي، ڪاليج ۾ رکيل ثقافتي پروگرام ۾ پروفيسر اصغر علي ميمڻ خادم مخدوم، شفيع محمد دل سميت شاگردن ميڊيا کي ڪوريج ڪرڻ ۽ 3 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ تي جس ڏيندي پنهنجي عيد واري ڏينهن ڀرپور نموني سان شرڪت جو اعلان ڪيو