| سنڌ ۾ اڄ کان طوفاني برسات: پي ڊي ايم اي پاران هاءِ الرٽ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ اڄ کان امڪاني برساتن جي اڳڪٿي، صوبي ۾ انتظاميا هاءِ الرٽ، ان ڏس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ سمورن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي فيلڊ ۾ رهي صورتحال جي لڳاتار نگراني جي هدايت ڪئي آهي، ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري پي ڊي ايم اي کي فوري ايڊوائزري جاري ڪرڻ ۽ سڀني لاڳاپيل ادارن سان مؤثر رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. هن پاڻي نيڪال لاءِ ضروري مشينري جي دستيابي ۽ ٽريفڪ رواني برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي، هن تيز هوائن کي نظر ۾ رکندي بل بورڊ ۽ غير محفوظ ڍانچا هٽائڻ جي هدايت ڪئي، هوڏانهن صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ايڊوائزري ذريعي صوبي ۾ اڄ کان 29 مارچ تائين برسات ۽ تيز هوائن بابت الرٽ جاري ڪندي عوام کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پي ڊي ايم اي چيف چيو ته ڪراچي، ٺٽو، بدين، حيدرآباد، دادو، سکر، لاڙڪاڻو، ڪشمور، جيڪب آباد ضلعا متاثر ٿي سگهن ٿا. هن خبردار ڪيو ته تيز هوائون ۽ ڳڙا ڪمزور ڍانچن ۽ سولر پينلن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا، هوڏانهن ڪراچي پوليس چيف پوليس کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي برساتن دوران سمورن فيلڊ ڪمانڊرن کي پنهنجن علائقن ۾ موجود رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته ٽريفڪ پوليس به برسات دوران ۽ ان کانپوءِ ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻائي، هوڏانهن مڪاني وزير ناصر شاهه سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪامورن کي فيلڊ ۾ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته برساتن دوران خطرناڪ عمارتن ۾ رهندڙ ماڻهن کي فوري طور محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي زبون حال عمارتون ترت خالي ڪن.