| سنڌ ۾ اڄ کان طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ اڄ کان تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان، ان ڏس ۾ موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ برسات جو امڪان آهي، ڪجهه هنڌن تي ڳڙي سان وسڪارو ٿي سگهي ٿو، موسميات کاتي ، لاڳاپيل ادارن کي نقصانن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، ڪراچي ۾ 50 ملي ميٽر برسات جا امڪان آهن