سنڌ ۾ اڄ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي: سنڌ ۾ اڄ برسات جو امڪان، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه جي هوائن جو سلسلو سنڌ کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻيندو، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ڄامشور، دادو، سجاول، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ، عمرڪوٽ، نوشهرو فيروز، خيرپور، گهوٽڪي، جيڪب آباد، قمبرشهدادڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
 

حڪومت پاران عالمن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي قائم
 

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري سان مفتي اعظم پاڪستان مفتي منيب الرحمن جي سربراهي ۾ علماءِ ڪرام جي وفد ملاقات ڪئي۔ محسن نقوي ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ هم آهنگي لاءِ مفتي منيب الرحمن سميت علماءِ ڪرام جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ وفد کي پيش ايندڙ مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي۔ ملاقات دوران مسئلن جي حل بابت جائزو ورتو ويو ۽ عملي قدمن تي اتفاق ڪيو ويو۔ ان موقعي تي مملڪتي وزير طلال چوڌري جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ مفتي منيب الرحمن ۽ ٻيا عالم به شامل هوندا، جيڪا قابل عمل حل لاءِ سفارشون پيش ڪندي۔ محسن نقوي چيو ته مفتي منيب الرحمن سڀني لاءِ قابل احترام آهن ۽ هميشه اتحاد، اتفاق ۽ قومي يڪجهتي جو پيغام ڏيندا آهن. آخر ۾ مفتي منيب الرحمن ملڪ جي سلامتي، ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪرائي.
 

ننڍي عمر جي نينگري سان شادي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي ضمانت منظور
 

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت گرفتار جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جوابدار کي هڪ لک روپين جي ضمانت واري مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس اشتياق ابراهيم پڇاڻو ڪيو ته چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت ڪيس هلندو ۽ ان قانون تحت سزا ڪيتري آهي. پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت 16 سال 4 مهينن تائين سزا ٿي سگهي ٿي.