| سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي برسات جي اڳڪٿي: ڳڙن جو امڪان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته اولهه جي هوائن جو نئون سلسلو داخل ٿيڻ سبب 18 ۽ 19 مارچ تي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ ڪٿي ڪٿي ڳڙا وسڻ جو امڪان آهي، ڄامشورو، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، سجاول، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، سانگهڙ، ميرپورخاص، نوابشاهه، دادو، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ گھوٽڪي ۾ 19 مارچ تي برسات پوڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گرج چمڪ سبب روزمره جون سرگرميون متاثر ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته ڪمزور اڏاوتن کي به نقصان پهچي سگهي ٿو، تنهنڪري شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، هارين کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي موسمي حالتن کي نظر ۾ رکي ڪڻڪ ۽ ڀاڄين کي بچائڻ لاءِ مناسب انتظام ڪن