| سنڌ ۾ بدامني آهي، اقليتن جو تحفظ ڪبو: مولانا فضل الرحمان |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جي يو آءِ سربراھ مولانا مولانا فضل الرحمان چيو آهي اسانجو دين اسانکي تنگ حلقن مان نڪري آفاقيت، عالمگيريت ۽ انسانيت جو پيغام ڏئي ٿو، مونکي ياد آھي ته 1972ع ۾ جڏهن عبوري آئين ٺھيو، ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو صدر ۽ منهنجو والد ڪي پي جو وڏو وزير ھو، ان وقت تعليمي ادارن کي قومي تحويل ۾ ورتو پي ويو، منهنجي والد اعلان ڪيو ته اقليتن جا سمورا تعليمي ادارا آزادي سان پنهنجي تعليم جاري رکن، ھڪ مرحلي تي ڪابينا بريفنگ ڏيندي تاثر ڏنو ته ڪي پي ۾ مسيحي برادري جي اسڪولن ۽ اسپتالن جو معيار اسانکان بھتر آھي، ڪالهه مقامي ھوٽل ۾ جي يو آءِ (منارٽي ونگ) پاران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اسان جي جي يو آءِ (منارٽي ونگ) پوري ملڪ ۾ آھي، اسان مسلم ميجارٽي سان گڏ اقليتي حقن جي ڳالهه به ڪريون ٿا، امن لفظ ننڍو آھي، رياست ۾ ايتري طاقت ھجي ته جو اها ڪنهن جو کسيل حق واپس ڏياري ۽ مجرم کي سزا ڏئي ته جيئن ھر شھري کي تحفظ محسوس ٿئي، ملڪ ۾ بدامني آھي، سنڌ ۾ به بدامني آھي، ڪي پي ۽ بلوچستان ته ميدان جنگ بڻيل آھن. اسانجي عالمن تي حملا ٿيا آھن ته جيئن اسان انھن جا حمايتي بڻجون پر اسان جان جي نذارنو ڏئي ملڪ کي امن جو گهوارو بڻائينداسين، مولانا راشد محمود سومرو چيو ته سنڌي هندن کي چوان ٿو ته حالتن کان تنگ ٿي سنڌ نه ڇڏيو، اوهان جي عزت، جان ۽ مال جو تحفظ جي يو آءِ ڪندي. اسان هر نياڻي جو تحفظ ڪنداسين، سنڌ کي امن پيار ۽ محبت جي ڌرتي بڻائينداسين، تقريب کي روي کتري ۽ ٻين خطاب ڪيو.