سنڌ ۾ بدامني ۾ ملوث ماڻهن کي هڪ سياسي جماعت جي حمايت حاصل آهي: فضل الرحمان

جنوري 27, 2024

سنڌ جي شهر ڪنڌڪوٽ ۾ جي يو آءِ ف پاور شو ڪيو آهي، مولانا فضل الرحمان ڪنڌڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ بدامني ۽ لاقانونيت ۾ بااثر ماڻهو ملوث آهن
هن چيو ته بدامني ۾ ملوث ماڻهن کي هڪ سياسي جماعت جي حمايت حاصل آهي، ڌانڌلين جي ڪا به ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪارڪن مزاحمت ڪن، 2018 ۾ اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو
جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ راشد سومرو چيو ته آر اوز ۽ ڊي آر اوز پيپلزپارٽي جا مقرر ٿيل آهن، پيپلز پارٽي وارا ڊي آر اوز ۽ آر اوز کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن
هن چيو ته پيپلزپارٽي وارن ڌانڌلي ڪرائي ته اسان به چوڙيون نه پاتيون آهن، مزاحمت ڪنداسين

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت