ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۽ واقعن سبب وڌيڪ 11 ڄڻا فوت، انگ وڌي 16 ٿي ويو، بجلي ۽ مواصلات جو نظام درهم برهم، روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا
سنڌ جي مختلف شهر ۾ اڄ ٽئين ڏينهن به ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جاري آهي، لاڳيتو برسات سبب روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته بجلي جو نظام به درهم برهم ٿي ويو آهي
شهداد ڪوٽ ويجهو ڳوٺ يارمحمد بروهي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ريشمان گاڏهي فوت ۽ سندس مڙس سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، چڪ ڀرسان ڳوٺ ملنگ جاگيراڻي ۾ گهر جي ڇِت ڪِري پئي، 3 معصوم ڀينرون دعا، سونهن ۽ آپا جاگيراڻي دٻجي فوت ٿي ويون
جوهي ۾ برسات دوران پاڻي جي موٽر مان ڪرڻ لڳڻ سبب نوجوان ماجد رودناڻي فوت ٿي ويو، ٺارو شاهه ۾ ايمبولينس برساتي پاڻي ۾ ڦاسي پئي، بجلي جو ڪرنٽ لڳل نوجوان وزير علي لاکو تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو
سکر ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ماءُ ۽ پٽ سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ مسمات ڪشمير، سندس پٽ عبدالقدير کوسو، ڪلثوم زال سعيد ۽ هڪ معصوم ٻار شامل آهن
ڪڍڻ ۾ وِڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ عورت بَچلان جت فوت ٿي وئي، ڀريا روڊ، ٽنڊو ڄام ۽ جيڪب آباد ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ نينگر سوڌو 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ خميسو خاصخيلي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي گهر جا ٽي ڀاتي زخمي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو
ٻئي طرف سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ چوڪ، رستا ۽ گهٽيون ڍنڍن ۾ تبديل ويا آهن، ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد، سرجاڻي ٽائون، گلستان جوهر، ملير، قائد آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو اڄ صبح به جاري آهي
سکر جي مختلف علائقن ۾ رستن تي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب شهري پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، لاڙڪاڻو ۾ رستن ۽ گهٽين تي برساتي پاڻي بيهجي ويو آهي
ٺٽي ۾ هيٺانهين وارا علائقا برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، شاهي بازار ڍنڍ جو ڏيک ڏئي رهي آهي، خيرپور ۽ ڪوٽڏجي سوڌو ڀرپاسي برسات سبب کجي جي فصل کي نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي
قمبر، رتوديرو، کورواهه، دوڙ، ڀريا روڊ، ڏوڪري، موهن جو دڙو ۽ گاجي کهاوڙ ۾ ڪٿي هلڪو ته ڪٿي تيز وسڪارو جاري آهي