سنڌ ۾ برسات جاري، روڊ رستا تلاءُ بڻيل، پاڻي نيڪال لاءِ شهرين جا مظاهرا

جُولاءِ 8, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به چوماسي جا وسڪارا جاري، ڪيترائي گهر ڪِري پيا، هيٺانهين علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، شهرين پاڻي نيڪال لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات پئي، ٺٽو، جيڪب آباد، سجاول جوڻيجو، ميرپور ٻرڙو، پير جو ڳوٺ، ٺل، ڳڙهي حسن ۽ ٻين شهرن ۾ به برسات پئي

همايون شريف، مبارڪپور، پڊعيدن، فيض گنج، ڪوٽ لالو، قاضي احمد، دريا خان مري ۽ دوڙ ۾ به وسڪارو، ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي برسات بعد ڪارونجهر مان نيئون وهي آيون

ڇاڇرو شهر ۾ ٻن ڏينهن کان مسلسل برسات سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پيا، ميرپور ساڪري ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان وسڪارو، ٿنڀا ڪرڻ سبب ساڪرو ۽ غلام الله جي بجلي بند ٿي وئي

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ وسڪارن جو سلسلو ايندڙ ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو، اڄ شام ۽ سڀاڻي ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ ۽ خيرپور ۾ برسات پوندي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات بعد هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، حيدرآباد شهر  جي  گدو چوڪ، فتح چوڪ، حالي روڊ، امريڪن ڪوارٽر ۽ ٽنڊو آغا سميت مختلف علائقن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي

ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو جي اڳواڻي ۾ انتظاميا پاران پاڻي نيڪال ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، ڪنري شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين احتجاج ڪيو

قمبر شهر مان به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، شهرين کي اچ وڃ ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ لڳيون، شهرين پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو

Leave A Comment