بلڊرن جي دٻاءُ تي تعميراتي منصوبن تان پابندي هٽائڻ لاءِ ڪاميٽي قائم

آگسٽ 28, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) مڪاني ادارن واري نگران وزير جا پويان پير، بلڊرن جي دٻاءُ تي تعميراتي منصوبن تي لاڳو ڪيل پابندي واپس وٺڻ جو اشارو، غيرقانوني اڏاوتي منصوبن جي خاتمي  لاءِ بلڊرن جي تنظيم آباد ۽ لاڳاپيل اختيارين جي نمائندن تي ٻڌل ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڪجهه ڏينهن اڳ مڪاني ادارن واري نگران وزير مبين جماڻي صوبي جي سمورين اٿارٽين سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪراچي، لياري.  ملير۾حيدرآباد ۽ سيوهڻ  ڊولپمينٽ اٿارٽي، سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي کي  نئين ڪمرشل ۽ رهائشي پلازائن ۽ رهائشي اسڪيمن جا نقشا ۽ لي آئوٽ پلان پاس ڪرڻ ۽ اين او سي ڏيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي

بلڊرن جي تنظيم آباد پاران اهڙي فيصلي تي سخت ردِعمل ڏيڻ کانپوءِ مڪاني ادارن جي اختيارين پاران پويان پير ڪيا ويا آهن

نگران صوبائي وزير مبين جماڻي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته عمارتن، گھرن ۽ ڪمرشل پلازائن  جي نقشن ۽ لي آئوٽ تي پابندي عارضي بنيادن تي مڙهي وئي هئي، جيڪا رڳو ڪجهه ڏينهن لاءِ آهي، هن پابندي جو دفاع ڪندي چيو ته  غيرقانوني عمارتن سبب  ڪراچي شهر جهنگ بڻجي چُڪو آهي

هن اعتراف ڪيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ 12هين گريڊ جو هڪ ملازم ايترو بااثر آهي جو هُو 20هين ۽ 21هين گريڊ جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪرائيندو رهي ٿو

 مبين جماڻي چيو ته ڪراچي ۾ گرائونڊ پلس ون جي منظوري مليل عمارتن تي 8 ماڙ جي اڏاوت ڪئي ويندي آهي، اهڙن غلط ڪمن جي روڪٿام لاءِ آباد ۽ لاڳاپيل آفيسرن تي ٻڌل ڪاميٽيون قائم ڪيون وينديون

 هن چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران ڪجهه وقت اڳ ٺاهيل  پاليسين سبب ڪراچي شهر جو ستياناس ٿيو آهي، هتي عوامي ڀلائي وارن پلاٽن تي به ڪمرشل پلازا ٺهي ويا آهن

نگران صوبائي وزير چيو ته ادارن ۾ سسٽم جو نالو سڀني ٻُڌو آهي پر ان کي ڪنهن ڏٺو ناهي. اهو سسٽم بند ڪرائڻ  سان جائز ڪم آساني سان ٿي سگهندا، آباد سان گڏجي  ٺاهيل ڪاميٽي جائز ڪمن جي پاڻ نگراني ڪندي

ٻئي پاسي ڪراچي ۾ غيرقانوني طور قائم ٿيل واٽر هائڊرنٽس کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي  سان مڪاني ادارن واري نگران وزير واٽر بورڊ جي اختيارين کي هائڊرنٽس جي سروي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

 صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ غيرقانوني هائڊرنٽس کي  هر صورت ۾ ختم ڪيو ويندو، واٽر بورڊ پاران هڪ انڊسٽري کي 50 لک ۽ ان جي ڀر واري ٻي انڊسٽري کي وري هڪ لک رپين جو بِل اماڻيو ويندو آهي، جڏهن ته ٻنهي جو پاڻي استعمال جو مقدار به ساڳيو ئي هجي ٿو، اهو سلسلو بند ٿيندو

Leave A Comment